ڀرياسٽي (ن پ ا) ڀرياروڊ واسڻ نينگري کي اغوا ڪري 6 مهينن تائين لڄالٽ ۽ پيرسن سان پرڻائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ڀرياروڊ جي غريب آباد ڪالوني واسڻ 16 سالن جي نينگري لبني شيخ ميڊيا کي ٻڌايو تـ 6 مھينا اڳ جوابدارن منير، اڪبر راڄپر، رزاق راڄپر زبردستي درگاهه پير سومرو تان اغوا ڪري کڻي وڃي 6 مھينن تائين ٺري ميرواهه ۽ چونڊڪو جي مختلف علائقن ۾ قيد ڪري لڄ لٽيندا رھيا، ان بعد اربيلو ويسر نالي پوڙھي شخص سان بنا مرضي نڪاح ڪرايو ويو، ٻـ ڏينھن اڳ مان وجهه وٺي ٺري ميرواھ ٿاڻي تي پھتس، ھن چيو تـ مون سان تمام گھڻو ظلم ٿيو آھي جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏئي انصاف ڪيو وڃي. جڏھن تـ نينگري جي امڙ بيواهه عورت شھناز شيخ روئيندي ٻڌايو تـ منھنجو مڙس فوت ٿي ويو آھي مان شھر جي مختلف گھرن ۾ پورھيو ڪري پنھنجو ۽ اولاد جو پيٽ پاليندي آھيان. غريب مسڪين آھيون ٻـ ڏينھن اڳ ٺري ميرواهه پوليس مون کي گھرائي ڪاغذن تي صحيح وٺي منھنجي نياڻي واپس ڏني آھي. ھن ٻڌايو تـ ڀرياروڊ ٿاڻي تي واقعي جو ڪيس داخل ڪرائڻ وياسين پر ھنن ڌڪا ڏئي واپس ڪري ڇڏيو. ھنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو تـ غريب آھيون واقعي جي انڪوائري ڪرائي جوابدار گرفتار ڪري انصاف فراھم ڪيو وڃي. ھوڏانھن رابطي تي ڀرياروڊ پوليس ٻڌايو تـ ڄاڻايل نينگري يا سندس ڪو بـ وارث اسان وٽ ناھي پھتو سندن اچڻ تي واقعي جي انڪوائري ڪرائي ويندي.