ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) ڏکڻ ڪوريا جديد ترين سپر سونڪ ايف 21 ويڙهاڪ جهاز متعارف ڪرائي ڇڏيو، امريڪي ميڊيا موجب ڏکڻ ڪوريا گذريل ڏينهن پنهنجي ملڪ ۾ ٿيار ٿيندڙ ايف 21 ويڙهاڪ جهاز متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي، جنهن بعد ڏکڻ ڪوريا فوجي سامان ٺاهڻ واري ڪلب ۾ شامل ٿي ويو، ڏکڻ ڪوريا طرفان ويڙهاڪ جهاز سپر سونڪ کي “ ڪي ايف 21 بورا مائي” جو نالو ڏنو ويو آهي، ويڙهاڪ جهاز کي هوا کان ه وا ۽ هوا مان زمين تي مار ڪرڻ واري ميزائل سان ليس ڪيو ويندو ۽ هن ۾ ڪروز ميزائل به فٽ ڪيو ويندو، ڏکڻ ڪوريا جي صدر مون جي جو چوڻ آهي ته آزاداڻه دفاعي سامان جي تياري جو نئين دور جو آغاز ٿي چڪو آهي.