اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا جي حوالي سان ملڪ ۾ لڳل پابنديون 13 اپريل تائين وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اين سي او سي جي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسد عمر جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ اهڙو فيصلو ڪيو ويو آهي، رمضان جي دوران پابندين بابت اجلاس 12 اپريل تي ٿينديون، جنهن ۾ پابندين تي عملدرآمد جي طريقيڪار تي غور ويچار ڪيو ويندو، نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي موجب وئڪسين جو ڪافي مقدار اپريل جي وچ بعد پهچڻي آهي، اجلاس ۾ رمضان جي دورا وئڪسي نيشن پلان جو به جائزو ورتو ويو آهي، واضح رهي ته اين سي او سي ڪورونا جي ٽئين لهر جي ڪري پاڪستان ۾ وڌندڙ ڪيسز کي روڪڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ 11 اپريل تائين مختلف پابنديون پڙهيون ويون هيون..