ڏيھه واپس پھتس ته 24 ڪلاڪن کان به گھٽ وقت ۾ ملڪ جا قرض 1350 ارب گھٽجي ويا: اسحاق ڊار

0
313
ڏيھه واپس پھتس ته 24 ڪلاڪن کان به گھٽ وقت
ڏيھه واپس پھتس ته 24 ڪلاڪن کان به گھٽ وقت ۾ ملڪ جا قرض 1350 ارب گھٽجي ويا: اسحاق ڊار

سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته هو گذريل رات ڏيھه واپس آيو ۽ ڊالر جي قيمت ۾ ڏهه رپيا گهٽتائي ٿي آهي

اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار سينيٽ جي رڪنيت جو حلف کڻي ورتو، سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي کانئس حلف ورتو

بعد ۾ پارليامينٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته اسان جي مسئلن ۾ رپئي جي مصنوعي قدر آهي، مهانگائي وڌي وئي آهي ۽ يوٽيلٽي اسٽورن تي اگهه وڌڻ به مسئلن ۾ شامل آهي

هن چيو ته هو گذريل رات پاڪستان پهتو، ڊالر جي قيمت ۾ 10 رپين جو فرق آيو آهي، 24 ڪلاڪن کان به گهٽ عرصي ۾ پاڪستان جو قرض 1350 ارب کان گهٽجي ويو آهي

هن چيو ته 1999ع ۾ ڊالر جو مقرر ڪيل ريٽ مارڪيٽ بيس هو، هتان جا ماڻهو پاڪستاني رپئي کي يرغمال نٿا رکي سگهن، نه ماضي ۾ پاڪستاني رپئي کي يرغمال بڻائڻ جي اجازت ڏني ۽ نه ئي مستقبل ۾ ڏينداسين

اسحاق ڊار چيو ته گذريل بل ۾ وڌيڪ تبديليون اچڻ گهرجن

ھي به پڙھندا

5 سالن بعد ڏيهه پهتل نون ليگي اڳواڻ اسحاق ڊار سينيٽر طور حلف کڻي ورتو

مفتاح اسماعيل جي ناڻي واري وزارت تان ڏنل استيعفيٰ منظور

اسحاق ڊار ڊيل ڪري ڏيهه پهتو آهي، هاڻي وري ناڻي جو وزير ٿيندو: عمران خان