اسحاق ڊار ڊيل ڪري ڏيهه پهتو آهي، هاڻي وري ناڻي جو وزير ٿيندو: عمران خان

0
239
اسحاق ڊار ڊيل ڪري ڏيهه پهتو آهي
اسحاق ڊار ڊيل ڪري ڏيهه پهتو آهي، هاڻي وري ناڻي جو وزير ٿيندو: عمران خان

ٻلـِي کي کير جي حفاظت لاءِ ويهاريو پيو وڃي، اسحاق ڊار ڊيل ڪري ڏيهه پهتو آهي، هاڻي وري ناڻي جو وزير ٿيندو

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته اسحاق ڊار بيماري جو بهانو ڪري 5 سالن کان روپوش رهيو، هـُو بيمار نه، پر ڊنل هو، 60 سيڪڙو ڪابينا ڪرپشن جي ڪيسز ۾ ضمانت تي آزاد ٿيل آهي

مولانا فضل الرحمان به موجوده حڪومت جو حصو آهي، جنهن ۾ رڳو عوام تي ظلم ٿئي ٿو

5 سالن بعد ڏيهه پهتل نون ليگي اڳواڻ اسحاق ڊار سينيٽر طور حلف کڻي ورتو

مفتاح اسماعيل جي ناڻي واري وزارت تان ڏنل استيعفيٰ منظور