ڏيئي(ن پ ا)  سجاڳ ٻار تحريڪ مرڪز پاران سنڌ جي ٻارڙن ۾ سياسي سماجي شعور جي بيداري لاء موٽر سائيڪل مارچ شروع ڪيو ويو آهي، جنهن جي سلسلي ۾ ڪالهه سجاڳ ٻار تحريڪ جي مرڪزي صدر اعتزاز گائينچو،زوهيب سنڌي،سرمد موريو،اياز لطيف  لوهار،سينل گواريو ۽ ٻين ڏيئي شهر جي پرائمري اسڪول الزمان پبلڪ اسڪول ۽ ٽي سي ايف سينٽر سميت خيرپورگنبو سانگي ڦرهو جي ڳوٺن ۽ اسڪولن جو تفصيلي دورو ڪري ٻارڙن سان ملاقاتون ڪيون ۽ سنڌ جي تعليم ۽ تعليمي ادارن تي ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ ٻهراڙين جا اسڪول عمارتن بنا هلن ٿا استادن؛ فرنيچر ۽ ٻين سهولتن جي به وڏي کوٽ آهي ب فارم جي شرط تي داخلا واري پاليسيء سان سنڌ جي ٻهراڙين جا ٻار سون جي تعداد ۾ داخلا کان رهجي ويندا ڇو جو هڪ غربت سبب سنڌي ماڻهو اٽي ۾ جهليا پيا آهن ۽ ٻيو نادرا جا ايترا ته پيچيده شرط آهن جنهنڪري ماڻهو ڀاڙا ڀري نه سگهندا هنن وڌيڪ چيو ته  هي حڪمران طبقا غريبن جي ٻچن کي جاهل رکڻ ٿا چاهين۔ انڪري سنڌين کي سجاڳ ڪرڻ لاء اسان سجاڳ ٻار جي ڪارڪن ۽ فڪر رسول بخش پليجو جا پانڌيئڙا اوهان کي سجاڳيء جو سڏ ڏيڻ نڪتا آهيون اچو ته پنهنجي نئين نسل کي تعليم جي هٿيار سان هٿياربند ڪري هن ڀوتارڪي غلامي جي طوق کي ڪنڌ مان لاهي ڦٽو ڪريون.