بدين (رپورٽر) بدين لڳ يوسي گراڙي جي قديمي قبرستان سيد اسماعيل شاھ جي درگاھ تي مبينا قبضي خلاف درگاھ جي سجاده نشين محمد فقير منڌرو، ۽ خليفن عبدالعلي منڌرو، فقير حميد ڀٽي، فقير رمضان ملاح جي اڳواڻي ۾ ايوان صحافت اڳيان احتجاجي مظاهرو ۽ پريس ڪانفرنس ڪئي. هنن چيو ته درگاھ سيد اسماعيل شاھ تي هڪ مهينو اڳ لڏي آيل عورت نالي شاہ خاتون ملاح پاڻ  کي جعلي گادي نشين سڏرائي پنهنجي ھٿياربند ماڻهن سان گڏجي قبضو ڪري ورتو آهي ۽ مقامي ماڻهن کي درگاھ ۽ قبرستان ۾ اچڻ نٿو ڏنو وڃي،  عورت کي ڪجھ بااثر ماڻهن جو سهارو آهي جن طرفان مختلف وقتن تي فائرنگ ڪري علائقي ۾ خوف۽ ڏهڪاپکيڙي ڇڏيو آهي، هي عورت پنهنجي ماڻهن هٿان خونريزي ڪرائي علائقي جو امن خراب ڪرڻ چاهي ٿي ۽ درگاھ جي 32 ايڪڙ زمين تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جتي درگاھ جا سوين مريد ويٺل آهن، درگاھ جي گادي نشين چيو ته هو ٻارھين پيڙهي کان وٺي  درگاھ جي گادي سنڀاليندا اچن، قبضو ڪندڙ عورت ۽ سندس ساٿين خلاف ڪارروائي ڪري درگاھ جو قبضو ختم ڪيو وڃي.