ڏهرڪي (رپورٽ: اعظم سهرياڻي) ڏهرڪيءَ ۾ ٽي مهينا اڳ پسند جي شادي ڪندڙ نوجوان  مٿان جرڳي پاران 20 لک رپيا ڏنڊ ۽ ٽن ورهين جي معصوم نينگري سڱ چٽي ڏيڻ جي فتويٰ جاري، نوجوان جي وارثن پاران جرڳي جو فيصلو مڃڻ کان انڪار تي گهر تي مبينا قبضو، نوجوان جي وارث عورتن جو احتجاج.

خبر موجب ڏهرڪيءَ جي لعل بخش ڪالوني واسي سجاد چوهاڻ ۽ ناري صنم چوهاڻ ٽي مهينا اڳ پسند جو پرڻو ڪيو هو، جنهن تان ٻنهي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ هلندڙ هئي. ان سلسلي ۾ نوجوان سجاد چوهاڻ جي وارثن اصغر علي، دلبر علي، مائي صغرا ۽ ٻين عورتن سميت پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي ٻڌايو ته برادريءَ جي وڏيري جمال الدين عرف جمعو چوهاڻ اوطاق تي گهرائي چيو ته توهان جو ٺاهه ڪرايان ٿو پر هن اسان مٿان 20 لک رپيا ڏنڊ ۽ ٽن ورهين جي نينگري فضا بتول جو سڱ چٽي ۾ ڏيڻ جي فتوا ڏني.

انڪار ڪيوسين ته ڀوتارن گهر تي به قبضو ڪري ورتو آھي، جنهن کان پوءِ گهرڀاتي دربدريءَ واري زندگي گذارڻ تي مجبور بڻيل آهن. ناريءَ جا وارث ۽ ڀوتار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. ان موقعي تي نينگريءَ جي ماءُ جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ڌيءَ کي سڱ چٽي ڏيڻ تي زور ڀريو ويو ته هوءَ نياڻيءَ کي زهر ڏيئي ڇڏيندي. هوڏانهن الزام هيٺ آيل جمال الدين عرف جمعو چوهاڻ چيو ته مون تي الزام بي بنياد آھن، مون اهڙو ڪوبه جرڳو ناهي ڪيو. ناري صنم جي والد پريس ڪلب پهچي چيو ته سجاد منهنجو ڀائٽو آھي. هو منهنجي ڌيءَ کي زبردستي ورغلائي وٺي ويو آھي. گهر تي قبضي جا الزام ڪوڙا آھن. سجاد جي والد ڏانهن قرض رهيل آھن، ان ڪري ڪوڙا الزام لڳايا پيا وڃن.