ڪراچي: سنڌ حڪومت جون گاڏيون گُم، گاڏيون واپس نه ڪندڙ آفيسرن کي سنڌ ڪابينا جي فيصلي تحت ڪيس داخل ڪرڻ جو چتاءُ ڏنو ويو ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب گورک هِل اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل رافيعه حليم تعليم کاتي ۾ اسپيشل سيڪريٽري طور مقرري دوران ورتل 2018ع ماڊل جي ڪورولا ڪار نمبر جِي ايس اِي 617 اڃا تائين واپس ناهي ڪئي، تعليم کاتي پاران کيس بار بار خط لکڻ باوجود گاڏي واپس نه ٿيڻ بعد معاملو چيف سيڪريٽري تائين پهچي ويو آهي،  چيف سيڪريٽري جي هدايتن تي سروسز کاتي جي اختيارين پاران گذريل ڏينهن گورک اٿارٽي جي ڊي جي رافيعه  حليم کي خط لکي کيس هدايت ڪئي وئي آهي ته تعليم کاتي کي ڪار واپس ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سندس خلاف سنڌ ڪابينا جي فيصلي تحت ڪيس داخل ڪيو ويندو.