ڍاڪا (م ڊ) چٽاگانگ ۾ ٽرين جو شاگردن ۽ استادن سان ڀريل بس سان ٽڪر ٿي  پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا فوت ۽ پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي خابرو اداري موجب بنگلاديش جي ضلعي چٽاگانگ ۾ شاگردن ۽ استادن سان ڀريل بس ڦاٽڪ ڪراس ڪري رهي هئي ته اوچتو ان جو تيز رفتار ٽرين سان ٽڪر ٿي پيو. مقامي اختيارين موجب حادثي ۾ 11 ڄڻا فوت جڏهن ته پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. حادثي ۾ فوت ٿيندڙن ۾ 7 شاگرد ۽ چار استاد شامل آهن. پوليس موجب واقعي جي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته فوتين جا مڙهه قانوني ڪارروائي وبعد وارثن حوالي ڪيا ويا آهن.