واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي رياست مينيسوٽا جي ٻن اڳوڻن پوليس آفيسرن  کي سينٽ پال جي ڊسٽرڪٽ عدالت ڪاري نسل جي شخص جارج فلائيڊ جي قتل ۾ شامل هئڻ جو الزام ثابت ٿيڻ تي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. مينيسوٽا جي اٽارني پنهنجي هڪ بيان ۾ ڄاڻايو آهي ته عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 36 ورهين جي ٽائو ٿائو کي ساڍا 3 سال ۽ 28 ورهين جي جي اليگزينڊر کي 3 سال قيد جي سزا ٻڌائي آهي. مينيسوٽا جي سينٽ پال جي عدالت طرفان ڪجهه ڏينهن اڳ ئي 39 ورهين جي پوليس آفيسر ٿومس لين کي اڍائي سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي جڏهن ته جارج فلائيڊ قتل جي مک ڪردار پوليس آفيسر ڊيرڪ شاوين کي فيبروري ۾ ساڍا 22 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي. ٻڌڻي دوران مينيسوٽا جي اٽارني عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته ٻنهي آفيسرن تي انفرادي طور اهو فرض هو ۽ ٻنهي وٽ اهو موقعو به موجود هو ته هو آفيسر ڊيرڪ شاوين طرفان جارج فلائيڊ تي طاقت جي استعمال خلاف مداخلت ڪن ۽ سندس حياتي بچائي وٺن ها پر ٻئي آفيسر پنهنجا فرض ادا ڪرڻ ۾ ناڪام ثابت ٿيا. واضح رهي ته هلندڙ سال فيبروري ۾ فيڊرل جيوري طرفان ٽائو ٿائو ۽ جي الگيزينڊر سميت ٿومس لين نالي ٽن آفيسرن کي جارج فلائيڊ جا شهري حق سلب ڪرڻ ۽ اڇي رنگ واري آفيسر ڊيرڪ شاوين طرفان نوَ منٽن تائي جارج فلائيڊ جي ڪنڌ تي گوڏو رکي کيس قتل ڪرڻ ڪوشش دوران کيس بچائڻ جي ڪوشش يا سندس مدد نه ڪرڻ جهڙا الزام لاڳو ڪيا هئا.