ڪراچي: سنڌ جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن پاران اغوا بعد يرغمالين جي وارثن کان ڀنگ طلب ڪرڻ  توڙي لاڳاپيل ضلعن جي ايس ايس پيز کي سوشل ميڊيا ذريعي کليل چيلنج ڪرڻ جا بيان به سامهون ايندا رهن ٿا، گھوٽڪي جي رائونتي واري ڪچي ۾ تازو پيش آيل واقعي بابت ذريعن جو چوڻ آهي ته شهيد ٿيل پوليس آفيسر ۽ اهلڪار 14 کان 15 ڪلاڪن تائين اي پي سي چين سميت ڌاڙيلن جي گھيري ۾ هئا،  انهن ڌاڙيلن جي گهيري ۾ هجڻ بابت ايس ايس پي گھوٽڪي کي بروقت اطلاع به ڪيو هو، ايس ايس پي گھوٽڪي پاران جوڙيل حڪمت عملي ناڪام ٿيڻ تي ڌاڙيلن پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي شهيد ڪري ڇڏيو.