ڏهرڪي: بدنام ڌاڙيل راحب شر جنهن جي مٿان هڪ ڪروڙ انعام رکيل آھن، ان ميڊيا جي نمائندن کي فون ڪال ڪري واقعي جي ذميواري قبول ڪندي چيو آھي ته اهو واقعو اسان ڪيو آھي، پوليس اهلڪارن کي چيلنج ڏنو هو ته جڏهن ڪچي ۾ ايندا ته واپس نه ويندا. ياد رهي ته  ڪجهه ڏينهن اڳ بدنام ڌاڙيل راحب شر جي وڊيو وائرل ٿي هئي، جنهن ۾ هن ايس ايس پي تنوير تنيو کي للڪاريندي ڌمڪي ڏيندي چيو هو ته جيڪڏهن توهان جي پوليس ڪچي ۾ ايندي ته اها صحيح سلامت واپس نه ويندي. جڏهن ته ڏيڍ مهينو اڳ پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل بدنام ڌاڙيل سلطو شر جي مارجي وڃڻ بعد  ڌاڙيلن جا ٽولا  پلاند وٺڻ لاءِ سرگرم هئا.