سکر: گهوٽڪي جي ايس ايس پي اهلڪارن تي حملي ۾ ملوث سمورن ڌاڙيلن کي سڃاڻڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ايس ايس پي تنوير احمد تنيو  وڏي وزير کي اجلاس ۾ آگاھي ڏني ته اھو حملو سلطو ڌاڙيل کي مارڻ جي بدلي ۾ ڪيو ويو آھي. پوليس انھن سمورن ڌاڙيلن جي سڃاڻپ ڪري ڇڏي آھي، جن ڪالھه رات واقعي ۾ حصو ورتو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته پوليس اھلڪار غلام علي بروھي بھادريءَ سان وڙھندو رھيو ۽ شديد زخمي ٿيو. ايس ايس پي ٻڌايو ته ڌاڙيلن پوليس تي حملو ڪيو، جنھن ۾ ڊي ايس پي اوٻاوڙو عبدالمالڪ ڀٽو، ايس ايچ او ميرپورماٿيلو عبدالمالڪ ڪمانگر، ايس ايچ او دين محمد لغاري سميت اوٻاوڙو ٿاڻي جا اھلڪار سليم چاچڙ، جتوئي پتافي. ميرپورماٿيلو ٿاڻي جا اھلڪار شھيد ٿيا.