ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي گڊز ڪيريئر ايسوسيئشن  جي صدر نور خان نيازي چتاءُ ڏنو آهي ته 72 ڪلاڪن اندر  اغوا ٿيل ڊرائيور کي بازياب نه ڪرايو ويو ته سڄي ملڪ جي گڊز ٽرانسپورٽ سروس بند ڪئي ويندي، ڪالهه ڪياماڙي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته گذريل 6 مهينن دوران ڪشمور سميت مختلف علائقن مان  8  کان 10 ڊرائيور اغوا ٿي  ويا، جڏهن ته  هڪ ڊرائيور شهيد ٿيو، هنن چيو ته  25  ڊسمبر تي ڪنڌڪوٽ مان هڪ ڊرائيور کي اغوا ۽ سندس ڪلينر کي گوليون هڻي زخمي ڪيو ويو آهي، هنن چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾  پي ٽي آءِ ايم پي اي ملڪ شهزاد انهي مامري تي آواز اٿاريو پر انتظاميا اک نه کولي، هنن مطالبو ڪيو ته اغوا ٿيل ڊرائيور کي بازياب ڪرائي، گاڏين تي فائرنگ سبب ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ گڊز ٽرانسپورٽ بند ڪئي ويندي.