ڊاڪٽر بيربل گيناڻي جي قتل ڪيس ۾ ڊرامائي رُخ

0
826

ڪراچي ۾ ڊاڪٽر بيربل گيناڻي جي قتل ڪيس ڊرامائي رخ اختيار ڪري ورتو آهي، پوليس هٿياربندن جي حملي ۾ زخمي ٿيل ڊاڪٽر قرت العين جي ڀاءُ کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو

ڊاڪٽر بيربل جي ڀاءُ قرت العين ۽ سندس ڀاءُ جي قتل ۾ ملوث هئڻ جو شڪ ظاهر ڪري ڇڏيو، گارڊن ٿاڻي تي مقتول جي ڀاءُ جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو

ايف آءِ آر جي متن ۾ چيو ويو آهي ته ڊاڪٽر بيربل جي رنڇوڙ لائين رام سوامي ۾ آءِ ڪلينڪ هئي، ڀاءُ کي گوليون لڳڻ جي اطلاع بعدجناح اسپتال پهتس ته اتي لاش آندو ويو

ايف آءِ آر موجب ڊاڪٽر بيربل جي مٿي ۾ 2 گوليون لڳل هيون، گارڊن ڀرسان موٽر سائيڪل سوار فائرنگ ڪئي، ڪار جي بانٽ تي به گولي لڳي، ڪار ۾ سوارڊاڪٽر بيربل جي اسسٽنٽ قرت العين کي به گولي لڳي، شڪ آهي ته قتل ۾ سڌي يا اڻ سڌي ريت قرت العين ملوث ٿي سگهي ٿي

ڊاڪٽر بيربل جو لاش اڄ سنجهورو پهچائڻ بعد آخري رسمون ادا ڪيون وينديون