راشن جي ورڇ دوران 11 ڄڻن جي لتاڙجي فوت ٿيڻ جو فيڪٽري مالڪ سميت 8 ڄڻن خلاف ڪيس داخل

0
145

ڪراچي ۾ راشن جي ورڇ دوران 11 ڄڻن جي لتاڙجي فوت ٿيڻ جو فيڪٽري مالڪ سميت 8 ڄڻن خلاف ڪيس داخل، جڏهن ته پوليس ڪيس ۾ نامزد جاوبدارن کي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو آهي

پوليس طرفان داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ فيڪٽري مالڪ عبدالخالق ۽ 7 ملازم به نامزد ڪيا ويا آهن

ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته فيڪٽري انتظاميا راشن ورهائڻ دوران اين او سي نه ورتو هو، پوليس يا انتظاميا کي به انتظامن آگاهه نه ڪيو ويو

ايف آءِ آر موجب چوڪيدار حسين زاده جيئن ئي فيڪٽري جي گيٽ سان گڏ ننڍو دروازو کوليو ته ماڻهن اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، ان دوران ڀاڄ پئجي وئي ۽ ماڻهو لتاڙجي فوت ۽ زخمي ٿيا

پوليس فيڪٽري مئنيجر سوڌو گرفتار ڪيل 8 ڄڻن کي جسماني رمانڊ لاءِ عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو