ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي ۾ اکين جي ماهر ڊاڪٽر بيربل کي قتل ڪندڙ هٿياربند ڪير هئا؟ انهن جو تعداد ڪيترو هو؟ سوپاري ڪنهن ڏني؟ پوليس پتو لڳائڻ ۾ ناڪام،  مختلف علائقن ۾ ڇاپا، حراست ۾ ورتل زخمي اسسٽنٽ جو اڳوڻو مڱيندو هٿ نه آيو، پوليس طرفان اسسٽنٽ ۽ سندس ڀاءَ کان پڇاڳاڇا سميت ٽيڪنيڪل بنيادن تي جاچ  جاري، پوليس موجب  اسسٽنٽ جو ڀاءُ به ڊاڪٽر وٽ ڪم ڪري چڪو.  خميس واري ڏهاڙي گارڊن واري علائقي ۾ لياري ايڪسپريس وي تي هٿياربندن هٿان قتل ڪيل ڊاڪٽر بيربل واري ڪيس ۾ پوليس اڃا تائين شوٽرن  جو پتو نه لڳائي سگھي، شوٽر ڪير هئا؟ سندن تعداد ڪيترو هو؟  ڊاڪٽر بيربل جي قتل جي سوپاري ڪنهن ڏني؟ معاملو اڃا تائين حل ٿي ناهي سگھيو، پوليس طرفان شهر جي مختلف علائقن ۾ ڇاپا هنيا ويا پر ڪا اهم اڳڀرائي نه ٿي سگھي، حراست ۾ ورتل زخمي اسسٽنٽ قرعت العين جو اڳوڻو مڱيندو به پوليس کي هٿ نه اچي سگھيو،  پوليس موجب اسان پوائنٽ ٽوُ پوائنٽ واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون، اميد آهي ته زخمي اسسٽنٽ قرعت العين جو اڳوڻو مڱيندو هٿ اچي ويندو، جنهن بعد سڄو ڪيس واضح ٿي ويندو.پوليس موجب قرعت العين وومين پوليس اسٽيشن ۾ حراست هيٺ آهي،  کانئس پڇاڳاڇا جاري آهي پر هوءَ نت نيون ڪهاڻيون پئي ٻڌائي، اها متضاد ڳالهيون ڪري رهي آهي، چوي ٿي ته هٿياربندن کي نه ڏٺم، گوليون  هليون ته سمجھيس ته ڦٽاڪو ڦاٽو. پوليس موجب قرعت العين 10 سال ڊاڪٽر سان رهي، اهو ممڪن ئي ناهي ته قرعت العين کي ڪا خبر ئي نه هجي.  پوليس موجب قرعت العين جي ڀاءَ کان بيان ورتو آهي، قرعت العين جو ڀاءَ به ڊاڪٽر وٽ ڪم ڪري چڪو آهي. پوليس موجب سي سي ٽي وي ڪيميرائن ۾ ڪٿي به هٿياربند نظر نه پيا اچن، امڪان آهن ته ڊاڪٽر بيربل تي اڏاوت  هيٺ  عمارت تان فائر ڪيا ويا، انهي  عمارت ۽ انهي جي آسپاس سي سي ٽي وي ڪيميرائون لڳل ناهن.  پوليس موجب شوٽر انتهائي تربيت يافته هئا، انهن ڊاڪٽر بيربل جي مٿي کي نشانو بڻايو،   2 گوليون ڊاڪٽر جي مٿي ۾ لهي ويون. پوليس موجب واقعي جي جاچ جاري آهي، هڪ ٻن ڏينهن اندر ڪيس حل ٿي ويندو.