رياض (م ڊ) سعودي عرب ايندڙ مهيني عرب ليگ جي اجلاس ۾ بشار الاسد کي دعوت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب شام جي صدر بشار الاسد کي به 19 مئي تي سعودي عرب جي شهر رياض ۾ ٿيندڙ عرب ليگ جي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني ويندي. پرڏيهي خابرو اداري موجب سعودي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان ايندڙ هفتي شام جو دورو ڪندو ۽ شام جي دوري دوران صدر بشار الاسد کي عرب ليگ اجلاس جي دعوت ڏيندو. خابرو ايجنسي موجب سعودي ۽ شامي اختيارين طرفان بشار الاسد کي عرب ليگ جي اجلاس ۾ دعوت ڏيڻ بابت ڪوبه تبصرو ناهي ڪيو ويو.