سکر: سول اسپتال سکر مان 15 آڪٽوبر تي پراسرار نموني اغوا ٿي ويل معصوم نينگر غالب حسين ولد محمد موسيٰ گولو جي ايف آءِ آر سي سيڪشن ٿاڻي تي نينگر جي ڏاڏي عبدالغني گولو جي فرياد تي وارڊ جي انچارج سينئر ڊاڪٽر ڊاڪٽر غلام رسول ٻوڪ، ڊاڪٽر خادم منگي، ليڊي ڊاڪٽر قرت العين، ڊاڪٽر ماھين، اسٽاف نرس صائمه قريشي، ڊاڪٽر علي حيدر ميمڻ، ٽيڪنيشن انور علي چنو، وارڊ بواءِ عطاءٌ اللھ ميراڻي، بشير پٺاڻ، سيڪيورٽي گارڊ اظھار سھتو مٿان داخل ڪئي وئي آھي، جنھن ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته جوابدارن ھم صلاح ٿي ڪنھن نامعلوم جوابدار سان گڏجي 16 ڏينھن جي ٻار کي اغوا ڪرايو آھي.