سکر: انتھائي نگھداشت واري وارڊ مان اغوا ٿي ويل ڪنڌڪوٽ ڪشمور واسي 16/ ڏينھن جي معصوم نينگر عالب حسين متعلق ٻڌايو پيو وڃي ته سندس طبيعت انتھائي خراب ھئي، ويھڻ واري جاءِ تان رت جاري ھئي، رت ضايع ٿيڻ سبب ڊاڪٽرن طرفان وارثن کي رت جو بندوبست ڪرڻ لاءِ ته چيو ويو ھو، ھڪ ماھر ڊاڪٽر معلوم ڪرڻ تي ٻڌايو ته جيڪڏھن ٻارڙي کي کنڀڻ کان پوءِ اسپتال داخل نه ڪرايو ويو ھوندو ته ٻارڙي جي فوت ٿيڻ جا امڪان آھن. ڇو جو اڳ ئي ٻارڙي جي طبيعت خراب ھجڻ ڪري کيس انتھائي نگھداشت واري وارڊ ۾ رکيو ويو ھو.