ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ) ڊالر ۾ ٻيهر تيزي: سون 4500 رپيا مهانگو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 4500 رپيا اضافي سان 204000 مان 208500 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾  سون 63 ڊالرن جي ريڪارڊ اضافي سان 1989 ڊالر في آئونس تي پهتو، ساڳئي ريت ڊالر 60 پئسا واڌ سان 285 مان 265.6 رپيا ٿي ويو، ٻئي طرف  چاندي  2250، پائونڊ 345 ۽ يورو 302.5 رپين تي برقرار رهيا