کورواهه (ن پ ا) کورواهه ۾ تورئي جو فصل لهندي ئي اگهه ڪري پيو آبادگار سخت پريشان آبادگارن مصري لاشاري محمد علي خاصخيلي پيارو لاشاري ۽ ٻين پنهنجي اخبار اڳيان دانهيندي چيو ته تورئي جو فصل جو اگهه ڏهه هزار روپيا مڻ هو هن وقت جڏهن هتي توريو لٿو آهي ته واپاري 6 هزار ۾ وٺي رهيا آهن جيڪو سراسر ظلم آهي هنن چيو ته هن مهنگائي جي دور ۾ آبادگارن کي ٻج ڀاڻ مهنگو مليو آهي پر فصل سستو ورتو پيو وڃي جنهن سبب هو فاقاڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن هنن مطالبو ڪيو آهي ته فصلن جا مناسب اگهه مقرر ڪري آبادگارن کي نقصان کان بچايو وڃي.