ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) ڊالر کي بريڪ  لڳي ويو: اوپن مارڪيٽ ۾ 283 ۽ انٽر بينڪ ۾ 278 رپين تي پهتو : سون پڻ 4900 رپيا سستو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 4900 رپيا لاٿ سان 206500 مان 201600 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 13 ڊالرن جي اضافي  سان 1849 ڊالر في آئونس تي پهچي ويو، هوڏانهن  چاندي 2240 رپيا في تولو تي برقرار رهي، ٻئي طرف ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 5 رپيا لاٿ سان 288 مان 283 ۽ انٽر بينڪ ۾ 7.09 رپيا گهٽتائي سان 285.09 مان 278 رپيا ٿي ويو، هوڏانهن پائونڊ 8 رپيا واڌ سان 327.7 مان 335.7 ۽ يورو 6.65 رپيا اضافي سان 290.85 مان 297.5 رپيا تي پهتا هئا.