سڊني(اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم جي مينٽور ميٿيو هيڊن بنگلاديش کان فتح کانپوءِ رانديگرن جي حوصلا افزائي ڪئي. سوشل ميڊيا تي ميٿيو هيڊن جي رانديگرن سان گڏ هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ ميٿيو هيڊن رانديگرن کي مخاطب ڪندي چيو ته ڇوڪرا! اسان خطرناڪ ٿي ويا آهيون، صرف ان شيءِ کي سمجهڻ ۽ حوصلا افزائي ڪرڻ جي ضرورت آهي. ميٿيو هيڊن چيو ته پاڪستان ٽيم جڏهن به ارادن سان گڏ ميدان ۾ لهندي آهي ته مخالف لاءِ خطرو بڻجي ويندي آهي دنيا سميت هن وقت هن ٽورنامينٽ ۾ ڪابه اهڙي ٽيم نه آهي جيڪا اسان کي فيس ڪرڻ چاهيندي هجي. هن چيو ته سمجهيو پيو وڃي ته اسان کان جند آجي ڪرائي وئي آهي پر اهي سڀ اسان کان جند آجي نه ڪرائي سگهيا، اسان هاڻي به ٽورنامينٽ ۾ موجود آهيون.