منصور نثار

سنڌ ڊجيٽل دنيا ۾ ڪٿي بيٺل آهي؟ ڇا اوهان ڪڏهن ان پاسي ڌيان ڏنو آهي ته سنڌي ماڻهو ڊجيٽل دنيا تي بادشاهي ڪن ٿا يا وري باقي ماڻهن کان پوئتي آهن؟ جيڪڏهن پوئتي آهن ته ان جو سبب ڪهڙو آهي؟ جيڪڏهن بادشاهي ڪن ٿا ته اهو ڪيئن ممڪن بڻيو؟ سو پاڻ ڳالهه ڪريون پيا ڊجيٽل دنيا جي، جنهن ۾ ويب سائيٽس، ايپ، موبائل فون، ڪمپيوٽر، ليپ ٽاپ، روبوٽ وغيره اچي وڃن ٿا، يعني انفارميشن ٽيڪنالاجي/آرٽيفيشل انٽيليجنس، اسان اڪثر اهو ٻڌندا آهيون ته دنيا جي آءِ ٽي تي آمريڪا جي حڪمراني آهي، وري آمريڪا جي آءِ ٽي تي سنڌين جي حڪمراني آهي، وڏن عهدن تي ۽ گهڻي انگ ۾ آهن، اهي سنڌي هن وقت انڊيا سان تعلق رکندڙ ٻڌايا پيا وڃن، اتي وري هن وقت سنڌ ۾ موجود سنڌي وري آءِ ٽي ۾ سڀني کان پوئتي نظر ايندا، جيڪڏهن پاڪستان ۾ آءِ ٽي جو جائزو وٺبو ته پنجاب جا ماڻهو، انهن ۾ به خاص طور لاهور جا ماڻهو وڌيڪ سرگرم (ڪمائي ڪرڻ وارا) نظر اچن ٿا، سنڌ جي جيڪڏهن ڳالهه ڪجي ته ڪراچي ۾ رهندڙ ماڻهو وڌيڪ سرگرم آهن ٻئي نمبر تي حيدرآباد چئي سگهجي ٿو، پر انهن ۾ اڪثريت (ڪمائي ڪرڻ وارا) غيرسنڌين جي نظر اچي ٿي، انهي جو ڪارڻ ڇا آهي؟ ڇا اسان جي ماڻهن کي اڃا ڄاڻ ناهي يا وسيلا ناهن يا وري اهڙو ڪو پليٽ فارم ناهي؟ جتان انهن کي آگاهي ڏجي ته ڊجيٽل دنيا موبائل فون جي صورت ۾ اوهان جي هٿن ۾ موجود آهي، پر اوهان ان دنيا ۾ رڳو پنهنجا پئسا وڃائي رهيا آهيو نيٽ پيڪيج/بيلنس وغيره جي صورت ۾، گڏوگڏ وقت جو زيان به ڪري رهيا آهيو، مطلب جيڪڏهن ڊجيٽل دنيا اوهان جي هٿن ۾ هجي اتي هلندڙ سڀ ڪجهه ڏسو به پر ڏسندا ئي رهجي وڃو، انهي دنيا ۾ اوهان به پنهنجي ڌاڪ ڄمائي سگهو ٿا، سوشل ميڊيا پليٽ فارمز فيس بوڪ، ٽوئيٽر، انسٽاگرام، يوٽيوب، ٽڪ ٽاڪ ذريعي ۽ ٻين ايپ/سائيٽس ذريعي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اوهان کي ان بابت ڄاڻ هجڻ گهرجي ۽ ڪم جو طريقو ايندو هجي، باقي وقت وارو معاملو ته اوهان تي آهي جيڪو به وقت ڪڍي انهن هنڌن تي محنت ڪري سگهو ٿا ان لاءِ مختصر معلومات عام سولي سادي لفظن ۾ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو.

اوهان منجهان گهڻا ئي فيس بوڪ، ٽوئيٽر، يوٽيوب، انسٽاگرام، ٽڪ ٽاڪ جا يوزر/استعمال ڪندڙ/واهپيدار ضرور هوندا پر ڇا اوهان ڄاڻو ٿا ته اوهان جيڪا شئي/ مواد سرچ ڪريو ٿا ته ٻئي ڀيري اهڙي قسم جي شئي/مواد اوهان کي ڪيئن/ڇو ڏيکاريو ٿو وڃي ته اصل ۾ ان کي ئي آرٽيفيشل انٽيليجنس يا (ARI) چئبو آهي جنهن تحت اهو نظام ائين ڪري سمجهو ته اوهان جو ذهن پڙهي ٿو وٺي يا وري اوهان جي سوچ کي سمجهندي گڏو گڏ اوهان جي ڊيٽا کي اينالائسز ڪري ٿو وٺي ۽ اوهان کي ساڱي قسم جو مواد ڏيکاريو ٿو وڃي.

ڇا اوهان ڪڏهن اهو غور ڪيو آهي ته انهن پليٽ فارمز تي جيڪا سرگرمي ٿئي ٿي اها ڪهڙي وقت ڪهڙي هجي ٿي؟ اوهان کي جيڪو مواد مهيا ٿي رهيو آهي اهو ڪئين ٿئي ٿو؟ ڪهڙي ڪيٽيگري وڌيڪ هلي ٿي؟ ڪهڙي مهل ڪهڙو مواد رکڻ گهرجي؟ مواد کي ڪيئن سينگاري سنواري يا بگاڙي پيش ڪجي؟ ڊجيٽل دنيا جي ٻين ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڪيئن متوجهه ڪجي؟ موبائل فون کانسواءِ باقي ڪهڙو سامان ۽ ڪهڙي مهارت هجي وغيره، جيڪڏهن اوهان وٽ وقت هجي ته ان تي غور ضرور ڪجو ۽ معلومات وٺجو، اها معلومات اوهان ورتي سمجهو ته اوهان ڪمائي جا دڳ ڳولي لڌا آهن. ان لاءِ اوهان کي پهريان ته اهو سمجهڻو پوندو ته يوٽيوب، فيس بوڪ، ٽوئيٽر، انسٽاگرام، ٽڪ ٽاڪ وغيره ڪيئن ڪم ڪن ٿا، انهن جون پاليسيون ڪهڙيون آهن، ڪهڙي ريجن لاءِ مواد تي ڪهڙو اگهه/ادائگي ڪن ٿا يا وٺن ٿا؟ سبسڪرائب، ويوز، فالوئرز، فرينڊس، لائيڪ، پوسٽ، ٽوئيٽ وغيره جي ته ضرور اوهان کي ڄاڻ هوندي؟ اهي ايپ يا سوشل سائيٽس هڪ خودڪار نظام تحت ڪم ڪنديون آهن، جنهن ۾ اهو ڏٺو ويندو آهي ته يوزر يعني اوهان ڪهڙين شين کي وڌيڪ پسند ڪريو ٿا، يا وڌيڪ ڳوليا ٿا؟ اوهان جا دوست، رابطي ۾ رهندڙ ماڻهو ڪهڙا آهن ڪهڙو مواد تي اوهان پاڻ ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪريو ٿا؟ انهن جي آڌار تي اهي اوهان کي مواد فراهم ڪندا آهن، مثال طور جيڪڏهن اوهان مسلسل يا گهڻي انگ ۾ ڇوڪرين/ڇوڪرن/سياسي، سماجي، ادبي،صحافتي شخصيتن/فنڪارن جي نالن وارين آءِ ڊيز تي فرينڊ رڪئيسٽ موڪليندا يا مواد پسند/لائيڪ وغيره ڪندا ته اهي اوهان کي وڌيڪ ايڊ فرينڊ لاءِ ڇوڪرين/ڇوڪرن/سياسي،سماجي، ادبي،صحافتي شخصيتن/فنڪارن جي نالن جون آءِ ڊيز ايڊ فرينڊ لاءِ تجويز ڪندا يا وري انهن جو ئي مواد فراهم ڪندا، ٻي ڳالهه وقت جي ته جيئن عام طور اوهان ڏٺو هوندو ته اسان وٽ صبح جي وقت هر ماڻهو تقريبن تلاوت، قرآن، عبادت وغيرا جي ڪا پوسٽ شيئر ڪندو آهي يا اهڙو مواد ڏسڻ پسند آهي يعني ان وقت اهڙو مواد وڌيڪ هلندو آهي تنهن ڪري اهي اوهان کي اهڙو مواد وڌيڪ فراهم ڪندا آهن، وري ايئن منجهند جو 12 وڳي کان ويندي رات جو 9/10لڳي تائين اوهان کي رانديون، تعليم، خبرون، سياحت، پارٽيون، ساسي سرگرميون، ميڙاڪا، جهيڙا جهٽا وغيره ان قسم جو مواد اوهان کي ملندو ڇو ته ان وقت پاڻ وٽ اهڙي سرگرمي وڌي ويندي آهي، وري رات دير سان ڇا ٿيندو آهي، اهو اوهان پاڻ ئي سمجهي وڃو ته اڪثريت ڇا ڏسندي هوندي رات جو…ته اهو مواد گهڻو سامهون ايندو آهي ڀلي ان ۾ ڪجهه ناهي هوندو پر سرچنگ ۽ واچنگ گهڻي هجڻ ڪري اهو مواد ٽاپ تي رهندو. چوڻ جو مقصد ته وقت ۽ صورتحال جي حساب سان اوهان کي مواد شيئر ڪرڻو پوندو. اڪثريت جي ذهنيت کي سمجهڻو پوندو، ڄاڻايل ايپ/سائيٽ تي انسائيٽ يا اينالائٽڪ آپشن ۾ ويندا ته اهي به اوهان جي شيئر ڪيل مواد بابت ٻڌائيندا ڪهڙي وقت اوهان جو شيئر ڪيل مواد ڪيترو ڏٺو وڃي ٿو، سرچنگ گهڻي ڪهڙي هلي پئي، ٽرينڊس ڪهڙا هلن پيا، اوهان جي ڪهڙي مواد کي وڌيڪ پسند ڪيو وڃي ٿو.

ڊجيٽل/سوشل ميڊيا جي دنيا ۾ جيڪا سموري راند آهي اها آهي ٽيڪينڪل/فني ڄاڻ جي، جيڪا به اوهان جي هٿن ۾ موجود آهي هڪ ڀيرو ڳولڻ يا حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ته ڪريو. موبائل فون ۾ اهي شيون پاڻ نٿو ڪري سگهو ته ڪنهن آءِ ٽي واري اداري ۾ داخلا وٺو، اڄڪلهه ته مختصر هڪ هفتي جا به ڪورس ٿي رهيا آهن، جيڪڏهن ڪٿي داخلا نٿا وٺو ته موبائل فون تي ئي گوگل تي وڃي مواد ڳوليو، اتي به سمجهه ۾ نٿو اچي ته يوٽيوب تي هليا وڃو، اتي به کوڙ معلومات آهي، جيئن يوٽيوب تي (Techist Mansoor) ذريعي فيس بوڪ جي ڪمائي جا طريقا سنڌي ۾ ٻڌايا پيا وڃن، اوهان وانگر مون کي به جيستائين ڄاڻ نه هئي آئون به وقت ۽ پئسي جو زيان ئي ڪري رهيو هيس، پر هاڻ محنت ۽ معلومات جو ثمر ملي رهيو آهي، اهڙي انهن سماجي رابطن واري ويب سائيٽ يا ايپ کانسواءِ کوڙ آنلائن ڪاروبار ۽ ڪم ڏيندڙ ويب سائيٽ يا ايپ توڙي گيمنگ ايپ/سائيٽس به اوهان کي ڪمائي فراهم ڪري سگهن ٿيون، سو سوشل ميڊيا/ڊجيٽل دنيا جي ڄاڻ وٺو، ان دنيا ۾ قدم رکو ۽ ڇائنجي وڃو، پهرين يوزر بڻجو پوءِ اهڙي قسم جون ايپ/سائيٽس پاڻ ٺاهي مالڪ بڻجي ڪمايو، ان لاءِ تربيت وٺو، ڄاڻ وٺو، اهڙي ريت سماج سڌارڪن کي به ان حوالي سان پنهنجن ماڻهن ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ گهرجي.