ٿاڻوبولاخان (ن پ ا) ڪوھستان جي بزرگ ھستي حضرت پير باقر شاھ جيلاني جي يارھين شريف جي   سالياني  ميلي جي ٻي ڌمال تي ملاکڙي ۾ ملهه پھلوانن ۾ زبردست مقابلا ٿيا. جڏھن ته پھرين جوڙ ۾  فدا ملاح ٻئي جوڙ ۾ گلدستو خاصخيلي ۽ ٽئين جوڙ ۾ عبدالشڪور باريجو ڪامياب ٿيا. ملهه پھلوانن ڌڻي بخش نائيڇ، غلام مصطفيٰ نارو، غلام النبي شيدي، منظور ڀٽي، خدابخش شيدي، عبدالزاق شيدي، محمد يوسف شيدي، خميسو امتياز مڱڻھار، رمضان پالاري ۽ ٻين ملھه پهلوانن مقابلن ۾ حصو ورتو.