ٽنڊو رحيم خان( ن پ ا) ٽي مهينا گذرڻ باوجود ڇني ڀان سيد آباد جو زميني رستو بحال نہ ٿي سگهيو آهي، ٽي مهينا اڳ منڇر ڍنڍ م چاڙ سبب ايم اين وي ڊرين کي گهارا لڳڻ ڪري ڀان سعيد آباد ڇني روڊ مڪمل طور ٻڏي ويو هو جنهن سبب ڪاڇي جي چئن يونين ڪائونسلز ڇني ،ٽنڊو رحيم خان،ساوڙو ۽ شاه حسن جو زميني رابطو ڪٽجي ويو هو. جڏهن تہ ٽن مهينن کان مٿي عرصو گذرڻ باوجود سرڪار ۽ انتظاميہ پاران روڊ جي بحال لاء ڪي بہ اپاءُ نہ ورتا ويا ،زميني رستو بحال نہ ٿيڻ ڪري  ڪاڇي جي سوين ڳوٺن جا هزارين ماڻهون  ڀان سيد آباد اچ وڃ لاء ٻيڙين تي سواري ڪري ڳَرا ڪرايا ڀاڙا ڀرڻ تي مجبور بڻيل، ڪاڇي واسين سنڌ سرڪار کان ڇني کان ڀان ويندڙ روڊ بحالي جو مطالبو ڪيو.