جهڏو (ن پ ا) جهڏو ۾ عوامي تحريڪ پاران قدرتي وهڪرن تان قبضا هٽائڻ ۽ سنڌ مان ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي ڪڍي نيشيل بينڪ چوڪ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي  اياز کوسو، امير بخش جروار، اياز ڪلوئي، پروانو ڪپري، محب ڀيل ۽ ٻين دانيهندي چيو ته سنڌ کي هٿرادو طور ٻوڙيو ويو آهي،  پاڻي جي قدرتي وهڪرن پراڻ ۽ ھاڪڙي جا قدرتي لنگھه بند ڪري هٿرادو ڪٽ هڻي سنڌ کي ٻوڙي ڪروڙين ماڻهن کي دربدر ڪيو ويو،ٻئي پاسي ڌارين کي سنڌ ۾ آباد ڪري ڌرتي ڌڻين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي پاڻي جا قدرتي لنگهه بحال ڪري ڌارين کي سنڌ مان نيڪالي ڏني وڃي.