حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ڀرسان ٽنڊو حيدر واري علائقي مان 22 ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ڄاڻايل ناري ماريه خيرپور واسي نوجوان ساجد بيهڻ سان پسند جي شادي ڪري ڇڏي آهي. 3 نومبر تي ماريه ملڪ جي والد پٻڻ ٿاڻي تي ڌيءُ جو اغوا ڪيس 3 ڄڻن خلاف داخل ڪرايو هو ته پهرين نومبر تي سندس ڌيءُ ماريه گهر ۾ اڪيلي هئي جتان غلام حسين گجر ساٿين حنيف ۽ سرفراز جي مدد سان شادي ۽ زنا جي ارادي سان اغوا ڪيو. ڪيس داخل ڪرائڻ باوجود پوليس نياڻي کي هٿ نه ڪيو آهي ۽ هاڻي جاچ آفيسر کين ٻڌايو آهي ته هن خيرپور پهچي شادي ڪري ڇڏي آهي. وارثن موجب انهن ماريه جي بازيابي لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي جيڪڏهن ماريه شادي ڪئي آهي ته کيس حيدرآباد جي عدالت ۾ بيان لاءِ پيش ڪيو وڃي. پٻڻ پوليس جو چوڻ آهي ته ناري ماريه اغوا نه ٿي آهي. هن گهران نڪري خيرپور ۾ پسند جو پرڻو ڪرڻ بعد مڙس ساجد علي بيهڻ سان گڏجي تحفظ لاءِ خيرپور جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي جتان کين نوٽيس مليا آهن ته 24 نومبر تي پوليس وارثن سميت عدالت ۾ پيش ٿي پنهنجو جواب داخل ڪرائي.