ميهڙ (ن پ ا) ميهڙ جي ڳوٺ رحم علي کوسو جي ٻوڏ متاثر عورتن معصوم ٻارڙن اعظم کوسو، شهزاد کوسو، اسلم کوسو، فريد کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سنڌ سرڪار ۽ انتظاميه ل پاران سهائتا نه ٿيڻ خلاف ڪولاچي موري وٽ انڊس هاء وي تي ٽائر ساڙي رڪاوٽون رکي ڌرڻو ھنيو ويو. ڌرڻي سبب ڪراچي ۽ لاڙڪاڻو ڏانھن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ڌرڻي سبب مظاھرين ۽ مسافرن ۾ چڪريون ۽ جھيڙو ٿي پيو جڏھن ته مظاھرين سخت نعريبازي ڪندي دانھيو تہ ٻوڏ سبب ڳوٺ ٻڏي ويا ساريالو فصل تباه ٿي ويو آھي ھن وقت تائين نه راشن ۽ نہ ٽينٽ مليو آھي ۽ نه وري ڪا واھر ڪئي وئي آھي جيڪو سراسر ظلم آھي ھنن چيو ته خدا جي واسطي نوٽيس وٺي اسان جي واھر ڪئي وڃي جڏھن ته 3 ڪلاڪن جي ڌرڻي بعد ايس ايچ او ميھڙ ۽ ڪي اين شاه پھچي مظاھرين سان ڳالھيون ڪري يقين ڌياني بعد ڌرڻو ختم ڪرايو