ڇا ٻين ملڪن جيان پاڪستان ۾ انقلاب ضروري آھي ؟

0
157
ڇا-ٻين-ملڪن-جيان-پاڪستان-۾-انقلاب-ضروري

لفظ انقلاب چوڻ ۾ سولو، لکڻ ۾ آسان آھي ۽ انقلاب جي نظريي تي ھلڻ ۽ عمل ڪرڻ  ڏکيو آھي. جيڪڏھن وڌيڪ نظر وجھنداسين ته انقلاب ھڪ امتحان آھي، انقلاب جي ڪاميابي ناڪامي انقلابي جي هٿن م نه هوندي آ حالتن ۽ حڪمت عملين جي هٿ وس هوندي آھي. جڏھن به ڪنهن انساني سماج ۾ فطري آزادين تي اظھارن تي بند ٻڌا وڃن ٿا پوءِ اهي قانوني هجن، حڪومتي هجن يا سماجي روايتن جي شڪل ۾ هجن انسان کي نيٺ باغي بنائيندا آھن، هو وڙھندو آھي، بغاوت ڪندو آھي پنهنجي فطري صلاحيتن کي وقف ڪري ڇڏيندو آھي.

                 اهو وڙھڻ به فطري آھي، جبلت آھي. ڪنهن ڏاهي چيو ته “ اوهان جنگ ۾ دلچسپي رکو يا نه رکو جنگ اوهان ۾ دلچسپي رکي ٿي.”  انقلاب ڏکين کي ڏک تي ويهارڻ جو نالو آھي  انقلاب گل جو اهو پيچرو آھي  جنهن تان سمورا پٿر ۽ ڪنڊا انقلابي پنهنجي هٿن سان ٻھاري ان تي سمورين آزادين جا ٽڙيل گل رکي ويندا آھن.

                  انقلاب روشني جي لاٽ آھي جيڪا اوندھه کي ختم ڪري ڇڏي ٿي. انقلاب، لفظ جي معنيٰ تبديلي آهي، ان  جو  انگريزي لفظ آهي Revolution جنهن جي معنيٰ آهي تبديلي يا بغاوت. ان لفظ انقلاب تي سوچيندا سين ته ذھن ۾ سوال ايندو ته انقلاب آخر ڇو ۽ ڪيئن ايندو آھي. توهان دنيا جي تاريخ ڏسندا ته انقلاب تڏھن ايندو آھي جڏھن ڪنهن ملڪ جي عوام کي ان ملڪ جا حڪمران حقن کان محروم رکن، عوام جي معاشي حالتن ۾ بگاڙ آڻي  پاڻ عياشي واري زندگي بسر ڪن، بنيادي سھولتون مھيا نه ڪن.اتان جا حڪمران ڪوڙي ۽ ڪرپٽ جي حيثيت ۾ نروار ٿين ۽ عوام کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي وڃن پوءِ عوام بي وس ٿي ويندو آھي ۽ انقلاب وارو رستو اختيار ڪندو آھي.

ھاڻي ٻيو سوال پيدا ٿئي ٿو ته انقلاب ڪيئن ايندو آھي سو انقلاب ھڪ فرد سان نه ايندو آھي.انقلاب ۾ ملڪ جو ھر فرد پنهنجو ڪردار ادا ڪندو آھي. عوامي جاڳرتا  کانسواءِ انقلابي رستو ھموار نٿو ٿي سگهي. انقلاب کي ڪامياب بنائڻ لاءِ پارٽي يا تنظيم ٺاھي وڃي ۽ انقلاب جا اصول رياضي جي اصولن وانگر آھن، ان تي عمل ڪري انقلاب کي ڪامياب بڻائي سگهجي ٿو. ھن ڌرتي جي گولي تي مختلف ملڪن ۾ انقلاب آيو آھي ان ۾ سڀ کان مشھور انقلاب آمريڪا ۽ فرانس جو آھي. آمريڪي انقلاب جنهن  کي اسان تيرهن ڪالونين جو انقلاب به چوندا آھيون. ان کان اول  آمريڪا جون سياسي، سماجي ۽ معاشي  حالتون بد کان بدتر ھيون ۽ آمريڪا انقلاب کان اڳ برطانيا جي تسلط ۾ ھو.  ان وقت جو بادشاهه جارج آمريڪي رياستن تي حاوي ٿيڻ چاھي پيو ڇو جو ھڪ ته ھندستاني برطانيـالاءِ خطرو بڻيل ھئا  ٻيو فرانس سان ست سال جنگ جي ڪري برطانيا کي گهڻو نقصان ٿيو. بادشاهه چاھيو ته نقصان جو ازالو آمريڪي رياستن ۾ ٽئڪس جي مدد سان حاصل ڪيون، جنهن ۾ 1775ع وارو اسٽيپ ايڪٽ آھي  جنهن  آمريڪي ماڻهن کي وڌيڪ انقلاب لاءِ ڀڙڪايو  ۽ آخر ڪار آمريڪا ۾ 1776ع ۾ انقلاب آيو.

ھن انقلاب آمريڪا ۾ سماجي ۽ معاشي قسمت بدلائي ڇڏي، اھو آمريڪا جيڪو پھريون خانه جنگي جو شڪار ھو ۽ پوئتي پيل ھو پر انقلاب کان بعد سپر پاور ٿي اڀريو. آمريڪا کان انقلاب جو وڏو اثر فرانس تي پيو. آخر ڪار فرانس ۾ به 1779ع ۾ انقلاب آيو.  اھو انقلاب 243 سال گذرڻ جي باوجود اڄ به دنيا جي ٻين ملڪن لاءِ رھنمائي ۽ مثال بڻيل آھي. فرانس ۾ انقلاب کان اڳ  حڪمران ظلم، جبر،مفاد پرستي، خوشامدي، قانون ۽ آئين جي ڀڃڪڙي ڪندا ھئا.  ھن انقلاب فرانس تي صدين کان قابض آمراڻي بادشاھت ۽ ملڪ جي وسيلن تي قابض امير طبقي جون وايون بتال ڪري ڇڏيون.

فرانسيسي انقلاب جو بنيادي مقصد آزادي،برابري ۽ ڀائيچارو هو. تنهن ڪري،  فرانسيسي انقلاب کان پوءِ آزاديءَ جو تصور، بادشاهت جو خاتمو  سماجي، سياسي ۽ اقتصادي پاليسين جي لحاظ کان سماج ۾ تبديليون آيون. برابري، آزادي ۽ ڀائيچارو پيدا ڪرڻ ۾ڪامياب ٿيا. ھاڻي سوال اھو پيدا ٿئي ٿو ته ڇا پاڪستان ۾ ٻين ملڪن جيان انقلاب ايندو يا نه.  ورهاڱي کان پهرين هندن ۽ مسلمانن هڪ ئي پليٽ فارم تان انقلاب آڻڻ جي جدوجهد ڪئي پر ٻه قومي نظرئي جي ڪري ڪميونسٽن کي “هندو ڪامريڊ” ۽ “مسلمان ڪامريڊ” ۾ ورهائي ڇڏيو. ورهاڱو فقط جاگرافيائي سرحدن جو نه ٿيو هو پر نظرياتي ورهاڱو پڻ عمل ۾ آيو.

ھاڻي  پاڪستان ۾  جيڪڏهن نظر ڊوڙائينداسين ته اسان جي ملڪ ۾ انقلاب کي  سستو سمجهيو ويندو آھي. طاھرالقادري،عمران خان، فضل الرحمان ۽ قومپرست پارٽين لاءِ انقلاب ھڪ احتجاج جيان آھي. حيرت جي ڳالهه  آھي.

اسان جا حڪمران احتجاج جي ڪاميابي کي انقلاب سمجهن ٿا. اسان جي ذھني نابالغ حڪمرانن ۽ ننڍن ٻارن جي ضد ۾ فرق نه آهي.  ننڍا ٻار به ڪنهن شيءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ روئيندا ۽ رڙندا آھي پر ان کي گھربل شيءَ جي خبرنه ھوندي آھي ته ان جو اثر ڪيترو برو آھي.  اھڙي طرح سان اسان جا حڪمران ٻارن جيان ضد ڪندا آھن سئو کن ماڻهو روڊن تي آڻي پاڻ کي انقلابي سڏائيندا آھن  پر اسان وٽ هر سياسي چرپر اسٽيبلشمينٽ جي رضا سان ايندي آھي هتي انقلاب جي ڳالهه، آزادي جي ڳالهه عمران خان به ڪري سگهي ٿو ۽ اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ اهو سمجهڻ ۾ سيڪنڊ لڳندا آھن ته سندس انقلاب، اهو انقلاب آھي جيڪو رياستي ملي ڀڳت سان حقيقي انقلاب کان عوام کي بيزار ڪرڻ ۽ پري رکڻ لاءِ آندو ويندو آهي .

 انقلاب جي ڳالهه ڪرڻ کان اڳ ذھن ۾ اھو سوال ٿو اڀري ته اسان پاڪستاني ڪھڙو  انقلاب چاھيون ٿا ؟ اھو انقلاب جيڪو اسان کي بنيادي حق ڏي ۽ حڪومت جي نظر ھر فرد سان برابري واري سلوڪ رکڻ واري ھجي ؟ اھو انقلاب جيڪو اسان کي معاشي مسئلن کان ڪڍي ۽ اسان جي ملڪ کي ترقي جي راھه تي هلائي يا اھو انقلاب جيڪو اسان جي ملڪ ۾ رھندڙ قومن ۽ صوبن کي ھڪ ۽ برابري واري نگاهه سان ڏسي.

ھن ملڪ ۾ ٻه طبقا آھن جيڪي انقلاب آڻن چاھين ٿا. انھن مان ھڪ طبقو چئي ٿو ته اسان موجوده  حڪومت مان بيزار ٿي ويا آھيون پوءِ انقلاب جي نالي ۾ ان حڪومت جو تختو اونڌوو ڪرڻ جو سوچيندا آھن، انهن جو مثال توهان پاڻ ڏٺو ۽ اخبارن ۾ پڙھيو ھوندو.  ٻيو طبقو جيڪو ملڪ کان بيزار آھي ڌار ٿيڻ ٿو چاھي  ۽ انقلاب ذريعي ھن ملڪ مان جند ڇڏائڻ چاھي ٿو ان جا مثال توھان کي  سنڌ،  بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا ۾ ملندا.  ان طبقي جي ماڻهن کي اسٽيبلشمينٽ سختي ڪندي آھي يا حڪمران انهن کي پيسو ڏئي راضي ڪندا آھن.انهن طبقن کي ھٽائي ڪري ڏسنداسين ته ھن وقت پاڪستان ۾ ساڳي صورتحال آھي جيئن آمريڪا ۽ فرانس ۾ انقلاب کان پھريان ھئي. پاڪستان ۾ امير ترقي ڪندو وڃي ٿو ۽ غريب وٽ ٻه ويلا ماني لاءِ پئسا نه آھن. ھتي ناپسنديده سرمائيدار نظام ھلي ٿو.  ھاڻي تازي ٻوڏ ۽ برسات ۾ حڪمرانن جا پول پڌرا ٿي ويا آھن.  ھن وقت عوام وڏي ڪاوڙ ۾ آھي جتي ڪٿي حڪمرانن جي رستا روڪ ڪري انهن کان پڇاڻو ڪن ٿا ۽ مان سمجھان ٿو ته ھاڻي اھو وقت پري ناھي جڏهن  ملڪ جي عوام انهن حڪمرانن، سردارن ۽ شاھي وڏيرن خلاف انتهائي قدم کڻڻ تي مجبور ٿيندا.انھي ساڳين آمر ۽ ظالم حڪومتن  جي حڪمرانن جي  ڪري ته اسان جي ملڪ جا ٻه ٽڪرا ٿيا ھڪ ھاڻوڪو پاڪستان ۽ ٻيو بنگلاديش. سو انهن ڳالهين کي نظر ۾رکي ڪري چوندس ته پاڪستان ۾ اھڙي انقلاب جي ضرورت آھي جيڪو فرانس ۽ آمريڪا ۾ آيو جيڪو اسان جي معاشري کي  نئين سر تعمير ڪري، معاشي حالتون بھتر ٿين، غريبن ۽ اميرن لاءِ ھڪ ۽ ساڳيو نظام آندو وڃي، تڏهن وڃي اسان جو ملڪ خوشحال ٿيندو.