سنڌ ۾ ٻوڏ ۽ پيدا ٿيل احساس

0
262
سنڌ ۾ ٻوڏ ۽ پيدا ٿيل احساس

 سنڌ ۾ هن وقت لکين ماڻهو بي گهر ٿيل آهن، جيڪي روڊن رستن تي ڪي خيمن ۾ ته ڪي وري کليل آسمان هيٺ پناهه وٺي ويٺل آهن، ڪيترا اهڙا خاندان آهن جيڪي اڃا تائين انهي برساتي پاڻي ۾ ڦاٿل آهن، جنهن برساتي پاڻي پوري سنڌ جو نقشو ئي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. جولائي جي پهرين هفتي کان شروع ٿيل برساتي سلسلو اڃا تائين جاري آهي، جنهن سبب جن علائقن ۾ برسات سان فائدي جي اميد هئي، اتي به هاڻي نقصان پيو ٿئي. آگسٽ جي وچ واري هفتي کان آخري هفتي تائين جيڪا تباهي سنڌ ۾ ٿي آهي، اها تاريخ جي بدترين تباهي ليکي ويندي، انهي ۾ ڳوٺن، شهرن، روڊن رستن، ريلوي پٽڙين، اسڪولن، اسپتالن سميت هر هنڌ هر شيءَ جتي ٻڏي وئي آهي، اتي انهي برساتي ٻوڏ سوين معصوم ٻارن سميت عورتن ۽ مردن جون حياتيون به کسي ورتيون آهن، ڪيترائي ماڻهو انهي برسات جي ڪري اڄ به زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل آهن، ڪيترائي موذي مرض پکڙجي ويا آهن، ڪيترن ئي ڳوٺن مان نڪرندڙ پاڻي ڀرپاسي جي آبادين کي اڃا تائين ٻوڙيندو اڳتي وڌي پيو. اها تڪليف ڪيتري پيڙاءُ ڏيندڙ آهي اهو صرف اهو ئي محسوس ڪري سگهي ٿو، جيڪو انهي ڪرب مان گذرندو هوندو، پر هن ڀيري انهي تڪليف واري عمل جتي متاثرين جي اهنجن ۾ اضافو ڪيو آهي اتي انساني دل رکندڙ ماڻهن کي به هڪ مالا ۾ پروئي ڇڏيو آهي. اڳي ٻڌندا هئاسين ته غربت سان رشتا مٽجي ويندا آهن، پنهنجا پري ٿي ويندا آهن پر سچي ڳالهه اها آهي ته هن ڀيري جيڪا هي ٻوڏ واري تباهي آئي آهي انهي تباهي ڪيترائي نوان رشتا جوڙي ڇڏيا آهن،

هر ماڻهو کي پنهنجي وس آهر ماڻهن سان محبت ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي، اهو خوف خدا يا احساس انسانيت آهي پر جيڪو به آهي، انهي عمل سان محبت کي هٿي ملي رهي آهي، جيڪو سٺو سنئوڻ آهي. هن وقت سنڌ جا رڳو 6 ڪراچي وارا ضلعا اهڙي ريت متاثر ناهن ٿيا جهڙي ريت باقي 24 ضلعا متاثر ٿيا آهن، جيتوڻيڪ اهي 6 ضلعا ڪراچي اوڀر، ڏکڻ، اولهه، ڪياماڙي، سينٽرل ۽ ڪورنگي به انهن برساتن ۾ سخت متاثر ٿيا آهن، ڪيترن ئي علائقن ۾ ڪاروبار سخت متاثر ٿيو، روڊن رستن سميت اتان جو انفراسٽرڪچر تباهه ٿي ويو، پر اتي جا رهواسي پنهنجي گهرن ۾ آهن، اهي پنهنجو ڪاروبار وري به شروع ڪري چڪا آهن، انهي ڪري انهن جي دادو ، سيتا ،  ڳڙهي ياسين، پڪا چانگ يا ڀرپاسي جي رهواسين جهڙي حالت ناهي، باقي ته سڄي سنڌ سخت متاثر ٿي آهي. انهن برساتن کانپوءِ جتي بئراجي ضلعن جا رهواسي پريشان هئا اتي ٿر جا رهواسي خوش هئا پر هاڻي لاڳيتو برساتن انهن جي فصل کي به تباهه ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻي جيڪو ٿر جو فصل يا اتان جون بنا ڀاڻ واريون ڀاڄيون مارڪيٽ ۾ اچڻيون هيون، اهي به تمام گهٽ اينديون،

انهي ڪري انهن برساتن جو فائدو انهن ريگستاني يا وارياسن علائقن کي به نه ٿي سگهيو، جن جي لاءِ برسات سدائين رحمت رهي آهي، باقي ته سنڌ جا 23 ضلعا مڪمل طور تباهه ٿي ويا آهن، جتي ڪنهن جو به ڪاروبار، ٻني ٻارو توڙي گهر اجهو باقي ناهي رهيو، انهي ڪري حڪومت پاران انهن جي بحالي لاءِ مختلف منصوبن تي غور ڪيو پيو وڃي ، پر انهن تباهه ڪارين اسان جي ماڻهن ۾ مدد ڪرڻ واري جذبي ۾ روح ڦوڪيو آهي. مان پنهنجي آفيس جي اسٽاف سان گڏجي آفيس ۾ هڪ ڪيمپ لڳائي ۽ ٻوڏ متاثرين جي مدد ۾ دلچسپي رکندڙ مخير ماڻهن کي مدد جي اپيل ڪئي، توهان يقين  ڄاڻو سوشل ميڊيا تي به مون اهو رکيو ته اسان جي ڊائريڪٽوريٽ ۾ متاثرين لاءِ امدادي ڪيمپ قائم ٿيل آهي، انهي تي مخير ماڻهو اچي پنهنجو حصو ملائين ته جيئن اسين اهو سامان متاثرين تائين پهچائي سگهون، انهي تي جيڪا موٽ ماڻهن ڏني، انهي تي مان ته حيران ٿي ويس. اسان اهو سامان حيدرآباد کان وٺي مختلف ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ورهايو، اسان جي وس ۾ جيترو هو، اهو ڪري سگهياسين، پر حقيقت اها آهي ته انسانيت سان محبت ڪندڙ ماڻهن کي مذهب ۽ سياست کان وڌيڪ صرف انسانن سان محبت هجي ٿي. ڪراچي ملڪ جو معاشي حب آهي، جتي مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ  ماڻهو رهن ٿا، هن نيڪي جي ڪم ۾ انهن ماڻهن بنا ڪنهن فرق جي صرف انهن بنيادن تي امداد ڪئي ته متاثرين کي هن تڪليف جي وقت ۾ اهي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪري تڪليف گهٽائڻ چاهين ٿا، جيڪو عمل انتهائي شاندار ۽ پنهنجائپ جو پيغام پڻ آهي.

اسان جي انهي ڪيمپ تي ڪيترين ئي اسڪولن جي شاگردن به پنهنجي پهچ مطابق مدد ڪئي، جيڪو عمل سڀني کان وڌيڪ سٺو سمجهان ٿي، ڇاڪاڻ جو انهي عمر ۾ جيڪڏهن ٻارن جي ذهن  ۾ سٺا، صاف سٿرا ۽ پنهنجائپ وارا خيال وجهندا ته انهي جا نتيجا به مثبت ملندا، جيڪو ٻار اڄ واهي پانڌي، آمري، ڳڙهي خيرو يا ٻئي ڪنهن ڳوٺ يا شهر جي ماڻهن جي امداد ڪري ٿو، اهو سڀاڻي انهن ماڻهن سان به محبت ڪندو ۽ جيڪو ماڻهو اڄ هي ڪالم پڙهي انهي ڳالهه جو احساس ڪندو اهو به ايندڙ وقت ۾ ڪنهن سياسي بيان جي آڌار تي نفرتن کي وڌائڻ بدران گهٽائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندو. جيتوڻيڪ اڄ به ڪي سازشي عناصر ۽ سياسي دڪاندار انهي ڳالهه تي ڳنڍ ٻڌي بيهي رهيا آهن ته ٻوڏ متاثرين جي آڙ ۾ ڏوهارين کي آباد ڪيو پيو وڃي، انهن ماڻهن لاءِ منهن ٽوڙ جواب به اهي ماڻهو ٿي سگهن ٿا جيڪي پنهنجي هڙان وڙان ڪوشش ڪري متاثرين جي مدد ڪن پيا، انهي ڪري هي تڪليف وارو عمل جيتوڻيڪ محسوس ڪندي به جسم جا وار ڪانڊارجي وڃن ٿا، اکين ۾ ڳوڙها تري ٿا اچن، پر ماڻهن کي ان قسم جا سانحا ۽ واقعا متحد پڻ ڪن ٿا. اسان کي انهي تڪليف کي طاقت ۾ تبديل ڪري پنهنجي ماروئڙن جي مالڪي واري جذبي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پنهنجي حصي جو ڪم ڪر ڻ گهرجي ته جيئن محبتن سان ڀريو ملڪ ترقي ڪري سگهي. مان سمجهان ٿي محبت اهو ئي ماڻهو ورهائي سگهي ٿو جنهن جي پنهنجي پلئه محبت ، پنهنچائپ ۽ احساس هوندو، انهي احساس کانسواءِ انساني حلئي ۾ جانور نما انسان کوڙ سارا پيدا ٿي چڪا آهن، جن جي شرارتن ۽ نفرتن کان وٺي ڪرپشن تائين جي ڪري اسين سڀ اڄ ٻوڏ جي پاڻي ۾ ترڻ کان مرڻ تائين لڙهي رهيا آهيون.