ڇاڇرو (ن پ ا) ڇاڇرو جي ڳوٺ مٺڙيو جي رهواسي ڳورھاري عورت سنيتا زال پپو ميگھواڙ کي ويم لاءِ وارث بنيادي صحت مرڪز ڪانٽيو آندو، جتان ڳڻتي جوڳي حالت ۾ عورت کي مٺي اسپتال آندو ويو، جتي آپريشن بعد ٻار فوت ٿي ويو، وارثن موجب ڪانٽيو جي بنيادي صحت مرڪز جي ڊاڪٽرياڻي اسان کي ٻه ڏينهن ترسايو، نيٺ اسان زبردستي اسپتال کان ڳڻتي جوڳي حالت ۾ عورت کي مٺي اسپتال آندو، جتي آپريشن ذريعي ويم ڪرايو ويو پر ٻار فوت ٿي ويو، هنن الزام هڻندي چيو وقت سر ويم ٿئي ها ته ٻار جي حياتي بچي وڃي ها، ڊاڪٽرياڻي ٻه ڏينهن لاڳيتو اسپتال ۾ داخل ڪري ذيادتي ڪئي آهي، نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي، ٻي پاسي اسپتال جي ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر ڪشور ٻڌايو ته کيس ڪا به ڄاڻ ناهي، هو معلوم ڪري بعد ۾ ڪجهه ٻڌائيندو.