موهن جو دڙو (ن پ ا) موهن جو دڙو ويجهو ڳوٺ ڪاراڻي ۾ جي ڊي اي اڳواڻ عابد علي ٻگهيو جي گهر تي ڊي ايس پي ڏوڪري خادم حسين بليدي جي اڳواڻي ۾ پوليس چڙهائي ڪري قبضو ڄاڻائي گهر ۽ دڪان خالي ڪرائي ڇڏيا آهن، جڏهن ته پوليس جي چڙهائي دوران 6 عورتن جي پوليس سان مزاحمت ڪرڻ تي ليڊيز پوليس 6 عورتن کي گرفتار ڪري لاڙڪاڻي وومين ٿاڻي جي پوليس حوالي ڪيون ويون آھن، ان حوالي سان ڊي ايس پي ڏوڪري خادم حسين بليدي ٻڌايو ته اسان کي هاءِ ڪورٽ جو حڪم هيو ته جي ڊي اي اڳواڻ عابد حسين ٻگهيو سندس پٽ ۽ ٻن ڀائرن کان سندس ڀاڻج بشير احمد ٻگهيو جي گهر تي ڪيل قبضو ڇڏائي ڏنو وڃي، هن چيو ته قبضي ۾ ملوث 4 جوابدارن جا ڪورٽ طرفان گرفتاري وارنٽ به جاري ٿيل آهن.جوابدار روپوش بڻيل آهن، هن وڌيڪ چيو ته اسان هاءِ ڪورٽ جي حڪم تحت عابد ٻگهيو خلاف ڪارروائي ڪري قبضي هيٺ آيل گهر ۽ دڪان خالي ڪرائي فريادي بشير ٻگهيو حوالي ڪيو آهي. هوڏانهن جي ڊي اي اڳواڻ عابد حسين ٻگهيو ٻڌايو ته  مون کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي، سياسي انتقام ذريعي پوليس اٽالن ذريعي ڪارروائي ڪري بنا جواز پوليس منهنجي گهر ۾ داخل ٿي اسان جون عورتون پوليس کنڀي ٿاڻي تي کڻي وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته مان ڪنهن جي به ملڪيت تي قبضو ناهي ڪيو،مورثي ملڪيت آهي قبضي ڪرڻ جا الزام اجايا آهن.