ميرپور ساڪرو(ن پ ا)ميرپور ساڪري لڳ ليٽ اسٽاپ ڀرسان ايمبولنس ۾ گٽڪي جو ميٽريل کڻي ويندڙن کي پوليس  پڪڙي ورتو. ميرپور ساڪري لڳ ليٽ اسٽاپ ڀرسان ايمبولنس ۾ گٽڪي جو ميٽريل کڻي ويندڙ ٽن جوابدان شيرين زادا پٺاڻ، محمد طاھر پٺاڻ ۽ عبدالرحمان پٺاڻ کي گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته اڪبر سومرو موسي پٺاڻ روپوش آهن. منشات جو ڪيس ساڪرو ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي ايس ايس پي ٺٽو عديل چانڊيو نوٽيس ورتو فوري طور تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آخري اطلاحن تائين ڪيس داخل نه ٿي سگھيو ايس ايڇ او ميرپور ساڪرو فيض علي شاه صحافين کي موقف ڏيندي چيو آهي ته ايمبولنس گٽڪي جي ميٽريل سميت ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي ڪيس داخل ڪنداسين.