رتوديرو (ن پ ا )رتيديري ۾ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مقتول پيرسن جو لاش رکي ڌرڻو، ان ڏس ۾  هڪ ڏينهن اڳ  رتوديرو شهر جي ڳتيل آبادي واري پاڙي پراڻي پوسٽ آفيس واري علائقي ۾ هٿيار بندن هٿان قتل ٿي ويل پيرسن سومر مرکياڻي جي وارثن مقتول جو لاش رکي رتوديرو ڀرسان ڀانڊو قبو وٽ رتوديرو _ شڪارپور روڊ تي نٽهڻ اس ۾ رکي ڌرڻو هڻي انڊس هاءِ وي بند ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي زاهد علي ، شوڪت ، لياقت ، سڪندر ، آجد ، گوهر مرکياڻي ۽ ٻين چيو ته چنا برادري سان  واسطو رکندڙ هٿياربندن  فائرنگ ڪري بيگناهه اسان جي پيرسن کي قتل ڪري اسان سان ڏاڍ ڪيو آهي، هنن چيو ته  9 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرايو آهي پر پوليس جوابدار گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، جوابدار سر عام گھمي رهيا آهن،  اسان کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جوابدار گرفتار ڪيا وڃن.