اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) چين پاڪستان کي 2.3 ارب ڊالر قرض ڏيڻ جي معاهدي تي صحيح ڪري ڇڏي، آءِ ايم ايف سان به ڳالهيون جاري، ٽيڪس وصوليون وڌائڻ تي اتفاق ٿي ويو، ناڻي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته چيني ڪنسورشيم آف بينڪس 2.3 ارب ڊالر قرض جي سهولت واري معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيو آهن. مفتاح اسماعيل ٻڌايو ته پاڪستان طرفان قرض جي سهولت واري معاهدي تي گذريل ڏينهن صحيحون ڪيون ويون هيون.ناڻي واري وزير موجب معاهدي تحت ڪجهه ڏينهن ۾ رقم پاڪستان کي ملي ويندي، سهولت فراهم ڪرڻ تي چيني حڪومت جا ٿورائتا آهيون. ناڻي وزير مفتاح اسماعيل آءِ ايم ايف جي بيل آئوٽ پيڪيج ۾ هڪ سال جي واڌ جي اميد ظاهر ڪئي آهي، غيرملڪي خابرو اداري رائٽرز سان ڳالهائيندي هن چيو ته آءِ ايم ايف سان بيل آئوٽ پيڪيج ۾ هڪ سال جي واڌ جي اميد آهي، قرض جي رقم به وڌڻ جي اميد آهي، ڪنهن رنڊڪ جو خدشو ناهي، هن چيو ته آءِ ايم ايف سان بنيادي طور تي بجيٽ ۽ مالياتي قدمن تي اتفاق ٿيو آهي. هوڏانهن حڪومت ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهايون جاري آهن. آءِ ايم ايف ترجمان موجب پاڪستاني اختيارين سان ڳالهيون جاري آهن ۽ ايندڙ بجيٽ بابت اهم اڳڀرائي ٿي آهي. ترجمان چيو آهي ته ايندڙ سال دوران ميڪرو اڪنامڪ استحڪام بهتر بڻائڻ وارين پاليسين تي ڳالهيون جاري آهن. ذريعن موجب ايندڙ بجيٽ ۾ ٽيڪس اوڳاڙين جو هدف 7 هزار 5 ارب رُپين مان وڌائي 7 هزار 450 ارب رُپيا ڪرڻ تي اتفاق ٿيو آهي، جڏهن ته ڪسٽم اوڳاڙي جو هدف 950 ارب رُپين مان وڌائي هڪ هزار 5 ارب رُپيا ڪرڻ تي اتفاق ٿيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽروليم شين تي هر مهيني 5 رپيا في ليٽر ليوي لاڳو ڪرڻ، جي ايس ٽي جي مد ۾ اوڳاڙين جو هدف 3 هزار 8 ارب رپين مان وڌائي 3 هزار 3 سئو ارب رپيا ڪرڻ تي اتفاق ٿيو آهي. ذريعن موجب انڪم ٽيڪس جي مد ۾ اوڳاڙين جو هدف 55 ارب رپيا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي جڏهن ته آءِ ايم ايف جو مطالبو آهي ته پيٽروليم شين تي سيلز ٽيڪس 11 سيڪڙو جي وياج سان وصول ڪيو وڃي، آءِ ايم ايف جو مطالبو آهي ته پيٽروليم تي 50 رپيا ليوي لاڳو ڪئي وڃي.

اسلام آباد (م ڊ) ناڻي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته پيٽروليم ليوي لڳندي، ٽيڪس هدف 438 ارب وڌايو آهي،  ماڻهو خوشي سان ٽيڪس ناهن ڏيندا، نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي ناڻي وزير چيو ته ٽيڪس هدف ۾ 438 ارب جو اضافو ڪيو آهي، تمام گهڻن طريقن سان ٽيڪس دائرو وڌايو ويندو، پرڏيهي اثاثن تي هڪ سيڪڙو ٽيڪس گهريو آهي، اشرافيه اوترو ٽيڪس ناهي ڏيندي، جيترو گهريو آهي، ماڻهو ٽيڪس خوشي سان ناهن ڏيندا، امير ترين ماڻهن ۽ ڪمپنين تي ون ٽائيم ٽيڪس لڳائي رهيا آهيون، هڪ سوال تي هن چيو ته پيٽروليم تي ليوي لڳندي پر اهو نٿو ٻڌائي سگهان ته ڪيستائين وڌندي، ڇاڪاڻ ته ان جو دارومدار ڊالر ۽ تيل جي قيمتن تي آهي، پيٽرول جي کپت ڏسي پيٽروليم ليوي جو فيصلو ڪنداسين. هن چيو ته پيٽروليم ليوي جو هدف 750 ارب کان ناهي گهٽايو، عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جون قيمتون جيتريون گهٽ ٿينديون، اوترو عوام کي فائدو ٿيندو، سڄي دنيا ۾ حڪومت تيل تي ٽيڪس لڳائي پيسا ڪمائينديون آهن. هن چيو ته هڪ ٻن ڏينهن ۾ چين کان 2.3 ارب ڊالرز ملي ويندا، اميد آهي ته دوست ملڪن سعود ي۽ يو اي اي جا قرض به ريورل ٿيندا، آءِ ايم ايف سان معاهدو ٿي ويو ته ناڻي ذخيرا بهتر ٿي ويندا، هن چيو ته خان صاحب جون پير پڪڙڻ ۽ جوتا پالش ڪرڻ وارين ڳالهين جو ڪهڙو جاوب ڏنو وڃي، عمران خان مخالفن کي جيل ۾ وجهڻ جي چڪر ۾ ملڪ کي هن حال تي پهچايو آهي، هن چيو ته هڪ سيڪڙو وياج وڌائڻ جي خبر بلڪل غلط آهي.