اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ناڻي واري اڳوڻي وزير شوڪت ترين خبردار ڪندي چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ مهانگائيءَ جو نئون طوفان آڻڻ واري آهي، آءِ ايم ايف جي چوڻ تي حڪومت  50 رپيا پيٽروليم ليوي لڳائڻ واري آهي، اها ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي پيٽروليم ليوي هوندي، پريس ڪانفرنس ڪندي هن وڌيڪ چيو ته  اسان حڪومت مان نڪرڻ وقت 17 رپين جي پيٽروليم ليوي لڳائي هئي، پيٽروليم ليوي لڳڻ سان پيٽرول ۽ ڊيزل وڌيڪ مهانگا ٿيندا، فيڪٽريز بند ٿي وينديون ۽ بيروزگاري وڌي ويندي، تيل اگهن ۾ واڌ سان مهانگائي جو طوفان ايندو، هن چيو ته اسان ڀلي معيشت هلائي رهيا هئاسين، واڳ ڌڻين کان ٻيهر سوال ڪيان ٿو ته اسان کي ڇو هٽايو ويو؟ هاڻي به گهڻي دير نه ٿي آهي، بحران مان نڪرڻ لاءِ فوري طور چونڊون ڪرائي نئين حڪومت آندي وڃي، اڳوڻي وزير شوڪت ترين چيو ته آءِ ايم ايف معاهدي ۾ اڃا ڪيترائي هفتا لڳندا، حڪومت جو آءِ ايم ايف سان قرض معاهدو جولاءِ جي آخر ۾ طئي ٿيندو، پهرين جولاءِ کان پيٽرول ۽ گئس وڌيڪ مهانگا ٿيندا. ھن چيو ته حڪمران ٻڌائين ته آءِ ايم ايف سان معاهدي لاءِ 450 ارب رپيا ڪٿان آڻيندا؟ ڊالر جو مُلهه وڌڻ سان اسٽاڪ مارڪيٽ ويهجي وئي آهي.