بيجنگ (م ڊ) چيني جاسوس ڦوڪڻي آمريڪي فوجي ٺڪاڻن مان ڳجهي ڄاڻ گڏ ڪري چين ڏانهن موڪلي ڇڏي. پرڏيهي خابرو اداري انڪشاف ڪيو آهي ته فيبروري ۾ آمريڪي هوائي حدن ۾ اڏامندڙ چيني جاسوس ڦوڪڻي بائيڊن انتظاميا طرفان روڪڻ باوجود آمريڪي فوجي ٺڪاڻن جي ڳجهي ڄاڻ گڏ ڪري چين ڏانهن موڪلي ڇڏي. خابرو اداري موجب بائيڊن انتظاميا جي ڪوششن باوجود چيني ڦوڪڻو ڳجهي ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. رپورٽن موجب چيني ڦوڪڻو ڪيئي فوجي هنڌن جي ڳجهي ڄاڻ حقيقي وقت ۾ بيجنگ ڏانهن منتقل ڪئي، چيني ڦوڪڻي گهڻي قدر هٿيارن جي نظام مان نڪرندڙ اليڪٽرانڪ سنگلن ۽ فوجي اڏن جي اهلڪارن جي رابطن سان ڳجهي ڄاڻ حاصل ڪئي. آمريڪي ۽ چيني عملدارن اڃا تائين آمريڪي چينل جي رپورٽ تي تبصرو نه ڪيو آهي.