چيلهار (ن پ ا) چيلهار ڀرسان گذريل رات دير سان نامعلوم شڪارين پاران ناياب نسل جي هرڻ جو شڪار، فائرنگ جي آواز تي ڳوٺاڻا جاڳي پيا، شڪاري فرار، خبر موجب گيم سينچري قرار ڏنل ايريا ۾ نامعلوم شڪارين ڳوٺ هريار ڀرسان ناياب نسل جي هرڻ جي شڪار لاءِ فائرنگ ڪئي، گولين جي آواز تي ڳوٺاڻا سجاڳ ٿي پيا، جن جهنگلي جيوت کاتي جي عملدارن ۽ پوليس کي اطلاع ڏنو، جنهن بعد پوليس ۽ جهنگلي جيوت کاتي جا عملدار پهتا پر شڪاري فرار ٿي ويا، ڳوٺاڻن موجب گيم سينچري قرار ڏنل ايريا ۾ وڏي تعداد ۾ هرڻن سميت ڪيترائي ٻيا جانور رهن ٿا، جتي هر روز شڪار ٿئي ٿو، علائقي واسي پنهنجي مدد پاڻ تحت شڪارين کي سوگهو ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا پر واسطيدار کاتي جا عملدا ڪو به قدم نٿا کڻن، هنن مطالبو ڪيو ته شڪارين سميت مقامي سهولتڪارن خلاف ڪارروائي ڪري ناياب نسل جي هرڻن سميت ٻين جانورن جي نسل ڪشي بند ڪرائي وڃي.