ٺٽو ( رپورٽر ) ٺٽو پوليس پاران 28 ڄڻن کي گٽڪي ، مائي ۽ منشيات وڪري جي الزام ۾ گرفتار ڪري وٽانئن 6 هزار گٽڪي ، مائي جي پڙين سان گڏ 775 گرام چرس ، ڪچو شراب سميت وڏي مقدار ۾ چورو ۽ هڪ موٽر سائيڪل پوليس تحويل ۾ وٺڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، پوليس موجب ته گرفتار ٿيلن ۾ نادر علي شاھ  ثناءَ الله شاھ ، علي مراد جاکرو ، سومار کڏائي ، قاسم جاکرو ، عامر ميرجت ، نواز علي شيخ ، سهيل ميمڻ ۽ ٻيا شامل آهن.