اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ حڪومت جي دور ۾ قومي اسيمبلي جي چوٿين پارلياماني سال جو پهريون سيشن نمبر 36 ڪالهه پڄاڻي تي پهچي ويو آهي، 17 سيپٽمبر تي شروع ٿيل قومي اسيمبلي جو سيشن ڪالهه پهرين آڪٽوبر تي پڄاڻي تي پهتو، مجموعي طور تي 9 ڏينهن جي اجلاس دوران حڪومت 8 ڏينهن جي اجلاس ۾ ڪورم پورو ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، رڳو 29 سيپٽمبر واري اجلاس ۾ حڪومت ڪورم پورو ڪري سگهي، جڏهن ته 17، 20، 21، 22، 24، 27، 28، سيپٽمبر تي حڪومت مسلسل ڪورم پورو ڪرڻ ۾ناڪام ٿي جنهن ڪري اجلاس ڪورم پورو نه هجڻ ڪري بنا ڪارروائي جي ملتوي ٿيندا رهيا، ڪالهه پهرين آڪٽوبر تي به حڪومت ڪورم جي نشاندهي تي اجلاس جي ڪارروائي اڻ اعلانيل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.