حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ حڪومت ارسا جي ايڊوائيزري ڪاميٽي جي 5 آڪٽوبر تي رٿيل اجلاس ۾ شرڪت کي مشروط بڻائيندي اعلان ڪيو آھي ته جيڪڏهن صلاحڪاري ڪاميٽي پاڻي جي ورڇ وارو معاملو ايجنڊا ۾ شامل نه ڪيو ته سنڌ جو ڪو به نمائندو ان اجلاس ۾ شرڪت نه ڪندو. آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير ڄام خان شورو ان حوالي سان حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس چيو آھي ته ارسا پاڻي جي کوٽ جو بهانو بنائي سنڌ کي ربيع جي مند ۾ به گهٽ پاڻي ڏيڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آھي جڏهن ته سنڌ جي اعتراضن ۽ تجويزن کي ڪا به اهميت نٿي ڏني وڃي. گذريل اجلاس ۾ به سنڌ جي نمائندي تي چٿرون ڪيون ويون جنهن سبب سنڌ جي نمائندن اجلاس جو بائيڪاٽ ڪيو. هن چيو ته پاڻي جي ورڇ لاء 1991ع وارو ٺاھ موجود آھي ۽ ان ٺاھ تحت ئي پاڻي جي ورڇ ٿيڻ گهرجي ۽ کوٽ جي صورت ۾ سڀني صوبن کي ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ گهرجي. کوٽ صرف سنڌ جي حصي ۾ ڇو ٿي شامل ڪئي وڃي. صلاحڪاري ڪاميٽي جي اجلاس ۾ بلوچستان جي نمائندي مير جعفر ۽ مير صادق وارو ڪردار ادا ڪيو. بلوچستان جي سياسي جماعتن کي سندن نمائندي جي ڪردار جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. هن چيو ته جيڪڏهن گڊو وٽ سنڌ کي پورو پاڻي نه مليو ته سنڌ بلوچستان کي حصي جو پاڻي ڏيڻ کان قاصر هوندي. صوبائي وزير چيو ته سنڌ پاڻي جي معاملي ۾ ٿيندڙ زيادتين بابت سي سي آء سان رجوع ڪيو آھي. اڳوڻي اٽارني جنرل انور منصور به سنڌ جي موقف جي تائيد ڪئي انڪري ان رپورٽ تي بحث نٿو ڪيو وڃي ۽ وزير اعظم نئين ڪاميٽي قائم ڪرڻ سان گڏ نيشنل واٽر ڪائونسل قائم ڪري ڇڏي آھي ۽ هاڻي پاڻي جو هر مسئلو ان ڪائونسل کي موڪليو پيو وڃي جيڪو پڻ سنڌ سان زيادتي وارو عمل آهي. هن چيو ته سي سي آء هڪ آئيني ادارو آھي انڪري پاڻي جي مسئلي کي ان فورم تي حل ٿيڻ گهرجي. اسان نيشنل واٽر ڪائونسل کي نٿا مڃون ۽ سنڌ پنهنجو ڪيس سي سي آئي ۾ ئي وڙھندي. ڪوٽڙي بئراج ڊائون اسٽريم ۾ 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي نه ڇڏڻ سبب لاڙ جي لکين ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو آھي جڏهن ته پنجاب وڌيڪ 7 لک ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي. اها زمين سنڌ جي زمينن کي بنجر بنائي آباد ڪئي ويندي جيڪو عمل ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. سنڌ سان نا انصافي بند نه ٿي ته انجا پوري ملڪ تي اثر پوندا. هن چيو ته ڪراچي کي گهربل پاڻي جو مسئلو به حل نه پيو ڪيو وڃي. ڪراچي کي ڪينجهر مان پاڻي ملي ٿو ۽ ڪينجهر ڪوٽڙي بئراج مان پاڻي کڻندي آهي. ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي نه هوندو ته ملڪ جي وڏي شھر لاء به پاڻي جو مسئلو پئدا ٿي سگهي ٿو. صوبائي وزير چيو ته سنڌ کي اپريل ۾ گهربل پاڻي آگسٽ ۾ مليو ۽ سارين جي فصل کي هڪ مهينو وڌيڪ پاڻي جي ضرورت آھي جيڪو پاڻي فراهم نه پيو ڪيو وڃي انڪري سارين جي فصل کي نقصان جو خدشو آھي. ارسا کي ڪو به حق نه آھي ته هو پاڻي ٺاھ جي ابتڙ غير آئيني ۽ غير قانوني فيصلا ڪري.هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آر بي اوڊي جو مسئلو سنڌ کان زور آھي، اسان سمري ٺاهي وفاق کي چونداسين ته هو پنهنجي ٻار کي پاڻ سنڀالي. ايل بي اوڊي اڳ ئي اسان لاء مٿي جو سور بنيل آھي. هن چيو ته سنڌو درياء ۾ 137 هنڌن تي آلوده پاڻي ڇوڙ ٿئي ٿو انڪري درياهي پاڻي تيزي سان خراب ٿي رهيو آھي. پاڻي مسئلي تي ٻيهر سي سي آءِ ۾ وينداسين.