ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آهي ته دماغي زخمن جي علاج لاءِ مددگار ثابت ٿيندڙ گاما نائيف ذريعي هر سال 500 ماڻهن جو علاج ٿي سگھندو، في مريض تي ايندڙ اڍائي لک رپيا خرچ سرڪار ڀريندي، اپوزيشن وارا ڀلي تنقيد ڪندا رهن، اسان عوام جي خدمت ڪندا رهنداسين. ڪالهه ڊائو يونيورسٽي اسپتال جي اوجھا ڪيمپس ۾ پبلڪ سيڪٽر جي پهرين گاما نائيف جي سهولت جو افتتاح ڪندي هن چيو ته دنيا ۾ 400 کان وڌيڪ يونٽ لڳايا ويا آهن، پاڪستان ۾ سرڪاري سطح تي پهريون گاما نائيف ڊائو يونيورسٽي اسپتال ۾ لڳايو ويو آهي، هن چيو ته سنڌ حڪومت جناح اسپتال ۾ سائبر نائيف، گمبٽ ۾ ليور ٽرانسپلانٽيشن ۽ هاڻ ڊائو يونيورسٽي اسپتال ۾ گاما نائيف جهڙيون سهوليتون ڏنيون آهن، اڃا به مخالف ڌر وارا سنڌ حڪومت تي تنقيد ڪن پيا، اسانکي مخالفن جي پروپئگنڊا جي پرواھ ناهي، عوام جي خدمت جاري رکنداسين. وڏي وزير چيو ته گاما نائيف ريڊيوٿراپي ۽ ريڊيئيشن ٿراپي جو هڪ بهتر نمونو آهي، جيڪو دماغي زخمن جي علاج لاءِ گاما شعاعن تي ڌيان ڏئي ٿو. گاما نائيف ريڊيو سرجري، رت جي نالين جي خرابي، ويسڪيولر ڊسڪرن ۽ نيورولوجيڪل حالتن جي علاج ۾ اثرائتو ثابت ٿي سگهي ٿو، برين ٽيومر ( دماغي ڳوڙهو ) جي علاج دوران گاما نائيف ريڊيو سرجري ٽيومر جي گهرڙن جهڙوڪه ڊي اين اي کي نقصان پهچائڻ يا تباهه ڪرڻ جو ڪم ڪندي آهي ته جيئن اهي گهرڙا ٻيهر پيدا يا وڌي نه سگهن. وقت گذرڻ سان گڏ برين ٽيومر گھٽجي ويندو آهي. مراد علي شاهه چيو ته گاما نائيف سينٽر ۾ اسپيشلسٽ نيورو سرجنز ۽ ريڊيشن آنڪولاجسٽ دماغي مرضن جو علاج ڪندا. وڏي وزير چيو ته گاما نائيف هڪ ڏينهن جو علاج آهي، علاج واري ساڳئي ڏينهن تي مريض معمول واري زندگي گذاري سگهي ٿو. مراد علي شاهه چيو ته گاما نائيف ذريعي ساليانو 500 مريضن جو علاج ٿي سگهي ٿو، مون وائيس چانسلر کي هدايت ڪئي آهي ته هتي مريضن جو مفت علاج ڪيو وڃي، تقريب کي خطاب ڪندي صحت واري صوبائي وزير عذرا پيچوهو چيو ته ليڪسل گاما نائيف آئيڪن ۾ صحت مند دماغي ٽشوز جي حفاظت ڪرڻ جي اعليٰ صلاحيت آهي.