ڪراچي: سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ ڪي ايم سي جي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪراچي جو اڳوڻو ميئر (وسيم اختر ) چوندو هو ته اسان وٽ 2 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جا ڪم ڪرائڻ جا اختيار ناهن پر اسان اختيار نه هجڻ جون دانهون ڪرڻ بجاءِ اربين رپين جو ڪم ڪرايو آهي، فريئر پارڪ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ڪراچي ۾ 9 ڪلاڪن جي لاڳيتي برسات باوجود ڪٿي به پاڻي بيٺل نظر نه ٿو اچي، ڪي ايم سي ۽ ڊي ايم سيز جي عملي، ضلعي انتظاميا ۽ ٽريفڪ پوليس اهلڪارن جي گڏيل حڪمت عملي سبب برساتي پاڻي بِنا دير نيڪال ڪيو ويو. برسات دوران ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ وارا ڪٿي نظر ئي نه آيا؟. اهي هڪ بيان ۾ چون ٿا ته برسات ناهي ٿي، ٻئي بيان ۾ چون پيا ته روڊن تي پاڻي بيٺل آهي. مخالف پهريان اهو طئه ڪري وٺن ته کين برسات ٿيڻ يا نه ٿيڻ وارو بيان ڏيڻو آهي. هن چيو ته برسات کي روڪي نٿا سگهون پر شهرين جي تڪليف گهٽائي ضرور سگهون ٿا. هن چيو ته گلاب يا شاهين طوفان جو خطرو ٽريو ناهي،اسان صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، هڪ سوال جي جواب ۾ مرتضيٰ وهاب چيو ته وفاقي حڪومت ڪي سي آر ٺاهي ٿي ته اسان کي خوشي ٿيندي پر ائين ٿيندي نظر نه ٿو اچي