چونڊڪو (ن پ ا ) چونڊڪو ڀرسان مثالي ڳوٺ واري علائقي ڳوٺ گلڻ چانڊيو ۾ زمين جي معاملي تان چانڊيا  ۽ شر برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو. ان دوران لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب ٻنهي ڌرين جا ٽن عورتن سميت 13 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي چونڊڪو اسپتال داخل ڪيو ويو آهي. چانڊيا ڌر جي ماڻهن موجب 6 ايڪڙ زرعي زمين جا ڪاغذات اسان وٽ موجود آهن، ان هوندي به شر ڌرجي هٿياربندن حملو ڪري اسان جي ماڻهن کي زخمي ڪيو آهي. ٻئي طرف شر برادريءَ جي ماڻھن جو چوڻ هو ته اسان اڳرائي نه ڪئي آهي، چانڊيا برداريءَ جي ماڻھن حملو ڪري اسان جي ماڻهن کي زخمي ڪيو آهي.