گهوٽڪي (رپورٽ: ماجد سنگهڙ)گهوٽڪيءَ ڀرسان بلا برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ سرڪاري زمين جي مالڪيءَ تان هلندڙ تڪرار تان خوني جهيڙو، فائرنگ، ستن سالن جي معصوم نينگري  راحيلا ڌيءُ سونو بلو گولين  جو کاڄ بڻجي وئي. بي سيڪشن ٿاڻي جي حد لال پير واري علائقي ۾ بلا برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان جهيڙي دوران گوليون لڳڻ سبب سونو بلو جي معصوم نياڻي راحيلا بلو مارجي وئي. اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي معصوم نينگريءَ جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال گهوٽڪي پهچايو، جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. سول اسپتال گهوٽڪيءَ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مقتول نينگريءَ جي ماءُ مسمات سونا بلو جو چوڻ هو ته جوابدارن سجاول، راشد ۽ آزاد بلو ساٿين سان گڏجي گهر تي حملو ڪري معصوم نينگري کي قتل ڪيو آهي. بي سيڪشن پوليس حملو ڪندڙ جوابدارن جي ساٿاري بڻجي کين گرفتار نه پئي ڪري. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو ته ٻنهي ڌرين ۾ سرڪاري زمين جي مالڪي تان واقعو پيش آيو آهي. جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِگهرن تي ڇاپا هنيا پر اهي فرار ٿي ويا آهن.