گمبٽ(ن پ ا) سوڀوديرو ڀر سان ڳوٺ مراد لاشاري واسي عورت آمنه لاشاري چوري ٿيل ٻڪريون واپس نه ٿيڻ بعد زهريلي  دوا پِي آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. بيهوشي واري حالت ۾ عورت کي گمس اسپتال جي ٽراما سنٽر داخل ڪرايو ويو. مسمات آمنه خاتون لاشاري جو چوڻ هو ته نامعلوم چور ٻڪريون چوري ڪري ويا. سوڀوديرو پوليس ڪابه داد رسي نه ڪئي. غربت کان تنگ ٿي زهر پيتو آهي. هن مطالبو ڪيو ته چوري ٿيل ٻڪريون واپس ڪرايون وڃن.