چونڊڪو ڀرسان بااثر ناري تي ڪتن جي بڇ ڪرائي ڇڏي

0
351

چونڊڪو (ن پ ا) چونڊڪو ڀرسان ڳوٺ قائم فقير ڀنڀرو ۾ ناري مسمات ظهوران خاصخيلي تي مبينا طور ڪتن جي بڇ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ناري جي دانهن ۽ رڙين تي پاڙي وارن پهچي کيس ڪتن کان ڇڏائي ورتو ۽ زخمي ناري کي وارثن چونڊڪو اسپتال داخل ڪرايو، اسپتال ۾ متاثر ناري ظهوران خاصخيلي ۽ سندس ماءُ ضميران خاصخيلي احتجاج ڪندي دانهيندي چيو ته اسان جي مائٽ بااثر راهب خاصخيلي جا پالتو ڌاريل ڪتا ماڻهن کي ڏاڙهي زخمي ڪندا آهن، اسان کيس ڪيترائي ڀيرا منع ڪيو آهي ته ڪتا ٻڌي ڇڏيو پر هن اسان جي هڪ نه ٻڌي، اڄ اسان جي نياڻي ظهوران خاصخيلي فصل مان گاهه ڪري گهر اچي رهي هئي ته بااثر کيس ڪتا بڇي ڇڏيا، ڪتن نياڻي جي چهري، مٿي تي ۽ پٺي تي چڪ هڻي کيس سخت زخمي ڪيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جوابدار خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي، هوڏانهن وڏي منشي الطاف حسين رند ٻڌايو ته ناري جي والد ممتاز خاصخيلي جوابدار راهب خاصخيلي خلاف اين سي داخل ڪرائي آهي، جاچ ڪيون پيا، جلد جوابدار کي گرفتار ڪيو ويندو.